لنڊن ( م ڊ) عالمي سطح تي ڪچي تيل جي اگهه ۾ ايتري واڌ نه ٿي آهي ، جيتري پاڪستان ۾ ڄاڻائي پيٽرو ل ۽ ڊيزل جو اگهه وڌايو ويو آهي، عالمي خابرو اداري موجب 15 آگسٽ تي ڪچي تيل جو اگهه 85.8 ڊالر هئو جنهن ۾ ٻه ڊالر واڌ ٿي ۽ 87.1 تي پهتو پر تيل اگهن ۾ واڌ کي آءِ ايم ايف جي ڪڙن شرطن سان ڳنڍيو پيو وڃي ، جڏهن ته رپئي قدر ۾ گهٽتائي ۽ حڪومتي ٽيڪس به ڪارڻ ڄاڻايا پيا وڃن، بي بي سي موجب وڌيڪ خطرو اهو آهي ته تيل جا اگهه اتي به نه رڪبا پر ڊالر جي قدر ۾ اضافي ۽ رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي سبب تيل جا اگهه وڌيڪ وڌندا، آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي جي انگن اکرن موجب هن وقت پيٽرول في ليٽر 305 رپيا 36 پيسا آهي، توانائي کانسواءِ ريفائنري ۾ في ليٽر قيمت 228 رپيا 59 پيسا آهي ، باقي حصو حڪومتي ٽيڪس جو آهي ، جنهن کي پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي چيو وڃي ٿو، ان کي جمع ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت سيلز ٽيڪس جونالو نه ٿي ڏئي، قيمت ۾ ٽيون وڏو حصو توانائي جو حصول، ان کي وڪرو ڪندڙ اداري ۽ پيٽرول پمپن جو آهي، انهن مڙني ٽيڪسن سبب صارف 16 رپيا 77 پيسا في ليٽر تي اضافي ادا ڪري ٿو، آءِ ايم ايف سان معاهدي سبب هڪ ليٽر تي پي ڊي ايل ٽيڪس جي مد ۾ في ليٽر تي 60 رپيا وصول ڪيا پيا وڃن ان ڪري صارف في ليٽر تي حڪومت کي 60 رپيا ٽيڪس جي مد ۾ ادا ڪري رهيوآهي