ڳرن بجلي بلن ۽ ناجائز ٽئڪسن خلاف هڙتال جي حمايت ڪيون ٿا: زين شاهه

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي اڄ جماعت اسلامي طرفان اعلانيل ملڪ گير هڙتال جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي ايس يو پي  صدر سيد زين شاھ چيو آھي ته بجلي جي ڳرن بلن،ناجائز ۽ ظالماڻن ٽيڪسن خلاف جماعت اسلامي جي اڄ 2 سيپٽمبر تي اعلانيل ملڪ گير ھڙتال جي سڏ جي ڀرپور حمايت ڪريون ٿا، ماضي جي حڪمرانن ۽ ملڪ کي لٽيندڙ سياستدانن ۽ سرڪاري آفيسرن جو احتساب ڪرڻ سواء اليڪشن مان ملڪ کي ڪو به فائدو نه ٿيندو، بجلي جي بلن ۾ سمورا ظالمانه ٽيڪس ختم ڪيا وڃن، پيٽرول ۽ بجلي جي قيمتن ۾ ظالماڻو اضافو ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، ايس يو پي ميڊيا سيل ڪراچي مان جاري ڪيل بيان ۾ سيد زين شاھ چيو آهي ته ڪنهن به صورت ۾ قبول ڪيو ويندو، نگران وزيراعظم بجلي جا اگهه گهٽائڻ لاءِ اڃا تائين ڪي به عملي قدم نه کنيا آهن نگران وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس صرف فوٽو سيشن تائين محدود رهيا آھن، نگران حڪومت به گذريل حڪومت جي نقش قدم تي هلي رهي آهي، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ هڪ دفعو ٻيھر ظالماڻو اضافو ڪرڻ افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو عمل آهي، عوام تي پيٽرول ۽ بجليءَ جا مسلسل بم ڪيرايا پيا وڃن عوام اڳ ئي بجلي جا بل ادا ڪرڻ لاءِ پريشان حال بڻيل ھئي ته مٿس اوچتو پيٽرول بم ڪيرايو ويو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.