عوام ۽ واپاري اڄ تاريخي هڙتال ڪن: سراج الحق

ڪراچي ( رپورٽر) امير جماعت اسلامي سراج الحق واپاري برادري سميت ملڪ جي عوام کي اپيل ڪئي آهي ته هوءَ ظالماڻي بجلي بلن،  پيٽرول جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي خلاف 02 سيپٽمبر تي (اڄ) تاريخي هڙتال ڪري ظالم ۽ جابر حڪمرانن خلاف اُٿي کڙو ٿي، جماعت اسلامي جا مرڪزي، صوبائي ۽ مقامي اڳواڻ توڙي ڪارڪن دڪاندارن، واپارين ۽ عام ماڻهن سان ملاقاتون ڪري هڙتال کي ڪامياب بڻائي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سلام ميڊيڪل سينٽر لاڙڪاڻي ۾ ٽريفڪ حادثي ۾ زخمي ٿيندڙ جماعت اسلامي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ جي عيادت جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي مرڪزي نائب امير مولانا اسدالله ڀٽو، صوبائي امير محمد حسين محنتي، ضلعي امير ڪاشف سيعد شيخ ۽ صوبائي اطلاعات سيڪريٽري مجاهد چنا سميت ٻيا مقامي اڳواڻ پڻ موجود هئا. سراج الحق وڌيڪ چيو ته ڪاڪڙ سرڪار پاران بجلي ۽ پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ لاڳيتو ڳاٽي ٽوڙ اضافو پي ڊي ايم حڪومت جو تسلسل آهي، ظالم ۽ ظلم خلاف خاموش رهڻ وارا به ان ظلم ۾ برابر جو شريڪ هوندا آهن، عوام مٿان هڪ مهيني اندر ٽيون ڀيرو پيٽرول بم ڪيرايو ويو آهي، غريب ماڻهو آءِ ايم ايف جي غلام حڪمران لڏي پاران لاڳيتو معاشي دهشتگردي جي وَر چڙهيل آهن، ڇا حڪمران هاڻي عوام کان زنده رهڻ جو حق به کسڻ چاهين ٿا، 02 سيپٽمبر تي هڙتال تاريخ ۾ ڪامياب ترين احتجاج هوندو، عوام ان جو حصو بڻجي بي حس معاشي دهشتگردي جو پُرامن جواب ڏي. نگران وزيراعظم جو مهانگائي بابت بيان بي حسي جي انتها آهي، عوام مٿان لاڳيتو پيٽرول ۽ بجلي بم ڪيرائيندڙ عوامي مسئلن کان لاتعلق آهن، حڪومت هلائڻ نگرانن جي وس جي ڳالهه ڪونه آهي انڪري 90 ڏينهن اندر صاف شفاف ۽ غيرجانبدارڻيون چونڊون ڪرائي اقتدار منتخب نمائندن حوالي ڪيو وڃي ان ۾ ئي قوم ۽ ملڪ جي ڀلائي آهي. ٻئي پاسي جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي  نگران سرڪار ۽ پي ڊي ايم پاران هڪ مهيني اندر لاڳيتو ٽي ڀيرا پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 60 رپين کان به وڌيڪ اضافي کي سراسر ظلم  ۽ حڪمرانن جي بي حسي قرار ڏيندي چيو آهي ته هڪ طرف ماڻهو ڳرن بجلي بلن، اٽي، کنڊ ۽ روزاني واهپي وارين شين جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي جي ڪري ڦٿڪي رهيا آهن ته ٻئي طرف وري وزيراعظم ڪاڪڙ پاران مهانگائي کي هروڀرو وڏو اشو قرار ڏيڻ وارو بيان عوام جي زخمن تي لوڻ ٻُرڪڻ برابر آهي. صوبائي امير بيان ۾ وڌيڪ چيو ته عوام 02 سيپٽمبر تي جماعت اسلامي پاران اعلانيل هڙتال کي ڪامياب ڪري ظالم حڪمرانن کي آئينو ڏيکاري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.