ڪراچي (رپورٽر) آمريڪي ڊالر جي لڳاتار وڌندڙ قيمت کي ٽن هفتن کانپوءِ انٽر بئنڪ ۾ بريڪ لڳي وئي، پر اوپن مارڪيٽ ۾ اِهو سلسلو جاري آهي ۽ ڊالر جي قيمت نئين بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب، ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن انٽر بئنڪ ۾ ڊالر ست پئسا سستو ٿي 305.47 رُپين تي بند ٿيو. ٻئي پاسي ڪرنسي ڊيلرز موجب، اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر جي قيمت ۾ واڌ جو سلسلو جاري رهيو ۽ ڊالر وڌيڪ ٽي رُپيا مهانگو ٿيو، اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 328 رُپين جي تاريخي سطح تي وڃي پهتو.