ننڍن ڪاروبارن کي ھٿي وٺرايون ته جيئن سنڌ ۾ معاشي بدحالي ختم ٿي سگھي : تميز کيڙو

ڪراچي ( رپورٽر)  سنڌ جي سيڙپڪاري کاتي جي سيڪريٽري تميزالدين کيڙو  چيو آھي ته   ”ايس اي ڊي ايف ۽ جاز بزنس جي  وچ ۾ اهو سهڪار سنڌ ۾ سمال ميڊيم انٽرپرائزز سيڪٽر کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هڪ وڏو اهم قدم آهي  ھن معاھدي تحت ننڍا  ۽ وچولا ڪاروبار ترقي ڪندا ۽ خطي جي اقتصادي ترقي کي به  ھٿي ملندي اھڙن خيالن جو اظھار ھن سمال انسٽري ۽ جاز موبائيل ڪميونيڪيشن وچ ۾ ٿيندڙ يادشتنامي واري تقريب کانپوء ڪيو ھن چيو ته  سنڌ ۾ اھڙي قسم جي  ٿيندڙ معاھدن سان نه  رڳو ڪاروبار کي ھٿي ملندي پر ماڻھن کي روزگار به  مھيا ٿيندو اسانجي ھر ممڪن ڪوشش آھي ته  اھڙي قسم جي ننڍن ڪاروبارن کي ھٿي وٺرايون ته  جيئن سنڌ ۾ معاشي بدحالي ختم ٿي سگھي ان موقعي تي   ايس اي ڊي ايف جي سي اي او خضر پرويز چيو آهي ته سنڌ ۾ هڪ ترقي يافته ڪاروبار ڪندڙ کي ماحولياتي نظام کي هٿي وٺرائيندو. Jazz بزنس سان گڏ ملي ڪري، اسان SMEs جي ترقي جي ماحول کي جوڙڻ لاءِ فنانشل سپورٽ کي ٽيڪنيڪي جدت سان گڏ جوڙي رهيا آهيون. جاز بزنس جي چيف بزنس آفيسر آصف عزيز چيو آهي ته SEDF جي مالي مدد سان گڏ جاز سوٽ آف سروسز، SMEs کي انهن ٽولز سان آراسته ڪندو جن جي انهن کي اڄ جي مقابلي واري ڪاروباري منظرنامي ۾ ضرورت آهي.

پيٽروليم اگهن ۾ واڌ رد،  عوام آپگهات تي مجبور آهي: سردار رحيم

ڪراچي ( رپورٽر) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي جنرل سيڪريٽري جي ڊي اي انفارميشن سيڪريٽري سردار عبدالرحيم  پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کي عوام دشمن قرار ڏيندي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کي آءِ ايم ايف کان ضابطو آندو وڃي ۽ روزاني واڌ کي ختم ڪيو وڃي. قوم وڌيڪ مهانگائي برداشت نٿي ڪري سگهي، پنهنجي جاري ڪيل مذمتي بيان ۾ سردار عبدالرحيم وڌيڪ چيو ته نگران حڪومت ڏکين حالتن ۾ رليف ڏيڻ بدران عوام کي وڌيڪ مهانگائي، غربت جي دلدل ۾ دٻائي ڇڏيو آهي، جنهن ڪري مري جي عوام بيگناهه خودڪشي ڪري رهي آهي. بک ۽ بدحالي سبب ٻارڙا مري رهيا آهن، پر ظالمن جي ڪنن تي به جوڳي نه ٻڌي، ائين نه ٿئي ته غربت ۽ بيروزگاري جي ور چڙهيل عوام سريلنڪا جهڙن حڪمرانن ۽ ادارن ۾ اچي وڃي ۽ ظالمن کي ٻاهر ڪڍيو وڃي، اسان مطالبو ٿا ڪيون ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافو فوري طور تي واپس ورتو وڃي، پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪري عوام جي ماني ۽ مکڻ کي ڦريو پيو وڃي.

مانيٽري پاليسي ڪميٽي جي هنگامي اجلاس بابت رپورٽون بي بنياد آهن: اسٽيٽ بينڪ

ڪراچي (اي پي پي)پاڪستان مانيٽري پاليسي ڪميٽي (ايم پي سي) جي هنگامي  اجلاس بابت ميڊيا ۾ آيل رپورٽون بي بنياد آهن. اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان پاران جمعي ڏينهن جاري ڪيل پڌرائي مطابق مستقبل جي پاليسي ريٽ بابت اڳڪٿي ڪرڻ وقت کان اڳ هوندو ڇاڪاڻ ته رڳو ايم پي سي جيڪو هڪ آزاد قانوني ادارو آهي اهو ئي پاليسي ريٽ بابت فيصلو ڪرڻ جو مجاز آهي. ايم پي سي جو ايندڙ اجلاس منعقد ڪرڻ جي تاريخ 14 سيپٽمبر 2023ع تي آهي جنهن دوران ڪميٽي معاشي حالتن جو جائزو وٺندي ۽ ان سلسلي ۾ ڪو موزون فيصلو ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.