ڪشمور ضلعي ۾ بدامني خلاف ۽ مغوين جي آزادي لاءِ شٽربند هڙتال، مظاهرا

ڪنڌ ڪوٽ/بڊاڻي (رپورٽ : ممتازسنڌي/ مقبول مڙل) ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ بدامني ۾ واڌ ۽ اغوا ٿيل مغوين مکي جڳديش ڪمار ، معصوم جئديپ ڪمار،  ڪشمور واسي ساگر ڪمار ، گڊو اسپتال جو ايم ايس ڊاڪٽر منير  نائچ سميت سمورن مغوين جي  آزادي لاءِ ھندو پنچائت جي سڏ تي شٽربند ھڙتال ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ڪنڌ ڪوٽ ضلعي جي ھندو پنچائپ جي سڏ تي ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ ضلعي مڪمل شٽربند ھڙتال ڪئي وئي، ڪنڌڪوٽ شھر جي ڪاروباري يونين پاران ڀرپور تعاون صرافا بازار، ميڊيڪل اسٽور بند، ڪپڙا مارڪيٽ بند ڪئي وئي، شاھي بازار، گھنٽاگھر  چوڪ، شجراھ چوڪ، مين بازار، اعواڻ بازار، شڪارپور روڊ، رسالدار روڊ، ھيبت روڊ، ڪشمور روڊ، اناج منڊي، سبزي منڊي ۽ ٻين علائقن ۾ ڪاروبار بند رکيو ويو، ڊاڪٽر مھرچند، ڊاڪٽر تلسي داس، گھنشام داس، ھريش ڪمار، ڊاڪٽر ٻالچند ٻالو، سنتوش اگروال، غلام مصطفيٰ ميراڻي، بشير ميراڻي، شاھنواز مرھٽو، رميش لال ميگھواڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھڪ ڪلاڪ تائين بدامني خلاف ۽ مغوين جي  آزادي لاءِ گھنٽاگھر چوڪ تي احتجاجي ڪيمپ  لڳائي احتجاج ڪيو ويو، جنهن بعد سوين شھرين احتجاجي مظاھرو ڪري سڄي شھر جو گشت ڪندي پريس ڪلب پھتا، اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ضلعي اندر صرف غريب مسڪين ۽ ڪاروباري ھندو طبقو نشاني تي آهي افسوس جي ڳالھه آهي، بڊاڻي مان اغوا ٿيل معصوم جي ديپ ڪمار ۽ بڊاڻي ھندو پنچائپ جو مکي جڳديش ڪمار اغوا ٿيڻ کي ٽي مھينا ٿيڻ وارا آهن، ڏوھاري سرعام ويڊيو ڀري ڀنگ گھرن ٿا پر رياست خاموش نظر اچي رھي آهي قانون جي ڪا به رٽ نه آهي، پوليس به شريف شھرين کي تنگ ڪرڻ  تائين محدود آهي ووٽ وٺندڙ وڏيرا ۽ سردار به خاموش آهن، خالي سوشل ميڊيا تي ھمدردي جا بيان جاري ڪن ٿا ضلعي اندر ڏوھارين جو راڄ قائم ٿي ويو آهي اسين ڪنهن به صورت ۾ خاموش نه ويھنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.