گهوٽڪي ڀرسان ڌاڙيلن هٿان 2 ڄڻا اغوا، مقابلي بعد آزاد

گهوٽڪي( ڊ  ر ) گهوٽڪي پوليس جي بروقت ڪامياب ڪارروائي، اغوا ڪيل ٻن يرغمالين کي پوليس پاران مقابلي بعد بروقت آزاد ڪرائڻ  جي دعويٰ ڪئي وئي آهي،  پوليس پاران بروقت ڪارروائي ڪندي  ٻن ڄڻن محمد اسلم ۽ عطاءُ الله ولد محمد عظيم ڀيري آزاد ڪرايو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته ٻن ڄڻن محمد اسلم ۽ عطاءُ الله کي ڌاڙيل اغوا ڪري ويا، ڊي ايس پي صاحب کي پنهنجي ذريعن  ٻڌايو ته اغوا ڪندڙ/ ڌاڙيل گهوٽڪي کان ڪنڌڪوٽ روڊ تي نوجوانن کي يرغمال بڻائي رهيا هئا جنهن بعد پوليس واقعي واري هنڌ تي پهتي ته ڌاڙيلن پوليس پارٽي تي فائرنگ ڪري ڏني، پوليس به جوابي فائرنگ ڪئي، جنهن بعد ڌاڙيل يرغمالين کي ڇڏي  فرار ٿي ويا. پوليس يرغمالين کي باحفاظت بازياب ڪرائڻ بعد ٿاڻي تي آندو، جتي قانوني ڪارروائي بعد  وارثن حوالي ڪيا ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.