صدر علوي سان اسٽيبلشمينٽ جي اهم شخصيت جي ملاقات !

اسلام آباد ( عوامي آواز نيوز ) صدر عارف علوي ايوان صدر مان سامان جي پيڪنگ شروع ڪري ڇڏي آهي ، جڏهن ته ويندي ويندي پي ٽي  ءِ جي قانوني ٽيم سان چونڊن جي تاريخ تي صلاح مشورا ڪيا آهن، نامياري صحافي  عمران وسيم جو چوڻ آهي ته  انتهائي اهم ذريعن کان ڄاڻ ملي آهي ته گذريل ڏينهن جمعي جي نماز کان اڳ  اسٽيبلشمينٽ جي اهم ترين شخصيت پڻ صدر عارف علوي سان ملاقات ڪئي آهي پر ان ملاقات ۾ ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون  آهن انهن بابت ڄاڻ نه ملي سگهي آهي ، جڏهن ته اهي اطلاع آهن ته صدر عارف علوي  سامان ٻڌڻ شروع ڪيو آهي  جنهن جو مطلب آهي ته صدر علوي نئين صدر جي چونڊ تائين نه رهڻ جو فيصلو  ڪري ڇڏيو آهي ، ٻئي طرف اهي به  اطلاع آهن  پي ٽي آءِ جي قانوني ٽيم جي وڪيلن علي ظفر ۽ بابر اعواڻ کي صدر علوي  طلب ڪري چونڊن جي تاريخ ڏيڻ بابت  صلاح مشورا ڪيا آهن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.