اسلام آباد (م ڊ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ۾ ماضي ۾ به وڏي پئماني تي ٻاهرئين ملڪ لڏپلاڻ ٿيندي رهي آهي، اسان جي آبادي 24 کان 25 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي، اقتصادي لڏپلاڻ هڪ عالمي عمل آهي، ان کي منفي طور تي پيش نه ڪرڻ گهرجي، 70ع جي ڏهاڪي جي آخر ۾ اسرائيل ۾ ناڻي واڌ جي شرح هڪ هزار سيڪڙو تائين پهچي وئي هئي، دنيا جي مختلف ملڪن ۽ قومن اهڙي طرح جي مشڪلاتن کي منهن ڏنو آهي، اها ڪا نئين ڳالهه نه آهي، اسان پنهنجي وسيلن کي استعمال ۾ آڻي ترقي جي راهه تي گامزن ٿي سگهون ٿا، انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، دفاعي پيداوار ۽ کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات سميت مختلف شعبن ۾ تمام گهڻا موقعا موجود آهن، سيڙپڪاري جي لاءِ منصوبو تيار ڪرڻو پوندو، ٽيڪس اوڳاڙي جي نظام کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، اقتصادي موقعن جي لاءِ ٻاهرئين ملڪ منتقلي کي منفي نه سمجهڻ گهرجي، ماضي ۾ ائين ٿيندو رهيو آهي، پاڪستان مان ويندڙ پاڪستان جو اثاثو ثابت ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيئر صحافين ۽ اينڪرز سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل بابت سوالن جو جواب ڏيندي چيو ته نگران حڪومت آئين تحت هڪ اهڙي وقت ۾ اقتدار سنڀاليو آهي جڏهن ملڪ کي معاشي چئلينجز درپيش آهن. نگران ڪابينا ۾ پنهنجي پنهنجي شعبن جا ماهر موجود آهن. ان جو مقصد اهو آهي ته مختلف شعبن ۾ جيڪي چئلينجز درپيش آهن انهن کي منهن ڏئي سگهجي. هن چيو ته رياست جي بنياد تي هڪ اقتصادي تصويرڪشي ڪئي وئي. هن سوال ڪيو ته ڇا واقعي پاڪستان اهڙي صورتحال جو شڪار آهي جنهن ۾ اسان جي سامهون ڪي به موقعا نه آهن ۽ خُدا نه ڪري اسان ڪنهن ناڪامي طرف وڌي رهيا آهيون؟ وزيراعظم چيو ته 70ع جي ڏهاڪي جي آخر ۾ اسرائيل ۾ ناڻي واڌ جي شرح هڪ هزار سيڪڙو تائين پهچي وئي هئي. دنيا جي مختلف ملڪن ۽ قومن اهڙي طرح جي مشڪلاتن کي منهن ڏنو آهي. اها ڪا نئين ڳالهه نه آهي، اهڙي صورتحال ۾ ماڻهو گڏجي ويهن ٿا ۽ موقعن جو جائزو وٺي صورتحال مان نڪرڻ جا ذريعا ڳولين ٿا. هر ملڪ ۽ قوم جون مشڪلاتون مختلف نوعيت جون هونديون آهن. تازو ئي قائم ڪيل خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ۾ ڪجهه اهم شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. انهن شعبن ۾ اسان جي لاءِ تمام گهڻا موقعا موجود آهن. انهن شعبن ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي، زراعت ۽ دفاعي پيداوار شامل آهي.
لوڪل ڪائونسل کي سيپٽمبر جا فنڊ جاري
ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ جي ناڻي کاتي صوبي جي لوڪل ڪائونسل کي سيپٽمبر مهيني جا فنڊ جاري ڪري ڇڏيا آهن، سنڌ جي ناڻي کاتي پاران لوڪل ڪائونسلن کي فنڊز جي مد ۾ 5 ارب 36 ڪروڙ 60 لک رپيا جاري ڪيا ويا آهن ڪائونسلز کي رقم ۽ زيڊ ٽي شيئر جي مد ۾ جاري ڪئي وئي ۽ ڄاڻايل رقم ڪي ايم سي، ضلعه ڪائونسلن ضلع ۽ ٽائون ميونسپل جي فنڊن لاءِ جاري ڪئي وئي، بلدياتي ڪائونسلز صفائي سٿرائي نيڪال ۽ پيئڻ جي پاڻي سميت ملازمن کي پگهارون ۽ پينشن ادا ڪري سگهنديون.