مذهبن جون نفرتون، قومن ۽ ملڪن کي تباهه ڪري ڇڏينديون آهن

حميده گهانگهرو

ڪي نالا چاهي ماڻهن جا هجن، شهرن، عمارتن، پکين، جانورن هر ڪنهن جي اهميت پنهنجي پنهنجي هوندي آهي. وري ڪي شهر اهڙين شخصيتن سان منسوب هوندا جن جي گهٽين، گهرن، عمارتن مان به انهن شخصيتن جي يادن جي اڪير ايندي آهي.

اهڙو نالو پاڪستان جي پنجاب سان تعلق رکدنڙ فيصل آباد (پراڻي لائل پور) ويجهو جڙانوالا آهي. مونکي ڏاڍي حسرت هوندي هئي ته هڪ ڀيرو جڙانوالا ۾ ضرور وڃان. مان انهيءَ هستيءَ جي گهر جي ڀتين کي ڏسان جن ۾ هن ٻالڪپڻي کان جواني ۽ شعوري سوچ فڪر جا خواب سوچيندي گذرايا هئا. کٽ تي سمهي آسمان ڏانهن نهاري ڪائنات جي خوبصورتي ۽ سج اڀرندي ڌرتيءَ جي حسين رنگن ۽ ان تي زندگي گذاريندڙ انسان جي آزادي خود مختياريءَ سان سوچيندي قلم ڪاغذن هٿ ۾ کڻي گواهي ڏيندي وچن ڪيو ته سندس اردگرد جي رهڻ وارا انسان غلام نه پر ڌرتي جا حقيقي وارث ۽ حقدار آهن  ۽ پوءِ آزادي جي نعري کي جنم ڏئي غلامي جي قيد کان بغاوت ڪئي.

آخر اهڙي يادگار کي ڏسڻ جو موقعو 2014ع ۾ مليو جڏهن لاهور ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ويس. (توڻي جو کڻي منهنجو مقالو سنڌ جي صوبائي خودمختياري تي هو.) اها ڪانفرنس لاهور جي الحمرا هال ۾ ٿي هئي جنهن ۾ پر امن جي سنڌ صوبائي خودمختياريءَ جو ڪيس رکيو. پر منهنجي اندر جي تڙپ جڙانوالا جي هستي جي يادگار کي ڏسڻ جي هئي. جتي آزاديءَ جي متوالي جي مٽيءَ ۾ خوشبو سمايل هئي. ميزبانن طرفان مهمانن لاءِ هوٽل ۾ رهڻ جو انتظام هو پر مون پنهنجي پراڻي ساٿي مرزا زين العابدين جي فيملي سان رهڻ کي ترجيح ڏني. سندس ڌيءَ سعديه ڏاڍي پياري سمجهدار ۽ ذهين هئي. ساڻس سفر ڏاڍو يادگار رهيو.  هاڻي هوءَ هن دنيا ۾ ناهي رهي پر ان سفر جون يادگيريون ساهه ۾ سانڍڻ جهڙيون آهن. لاهور کان فيصل آباد روانا ٿياسين. گاڏي ۾ ايل پي جي ڀرائڻي هئي. سامهون هڪ مزدور ٽائر ڪلهن تي کڻي ميرا پراڻا ڳريل ڪپڙا پاتل هئس، وزن کڻڻ ڪري سهڪي پيو پر پيٽ بک جي باهه موسم جي گرميءَ واري تپش کان وڌيڪ هئي. مون مرزا زين کي چيو ڀائي هي ماڻهو جيڪڏهن ڳالهائي نه ته سنڌ جي مسڪين غريب مزدورن ۽ هن ۾ ڪهڙو فرق آهي. ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدور صوبي جي ڪهڙي به جڳهه تي ڪم ڪري سندس خون پسينو، محنت، هڪ جهڙي آهي.مرزا چيو ها بلڪل رڳو سوچ جو فرق آهي. طبقاتي، لساني مذهبي فرق مان ٻاهر نڪري اڳتي سوچڻ جو.

واقعي به مان جنهن تاريخي ڪردار جي اڪير ۾ سندس جنم ڀومي ڏسڻ وڃان پئي ان سان منهنجو مذهبي، ٻولي، علائقائي رشتي ناتي جو ڪو تعلق نه هو. صرف ۽ صرف نظريي، سوچ، فڪر جي تعلق مونکي اهو يادگار ڏسڻ جي آس پيدا ڪئي. هن پنهنجي جوانيءَ جي سڀني خوبصورت خوابن کي حقيقت ۾ ڏسڻ ڪري امڙ کي موڙن ٻڌرائڻ جي به مهلت نه ڏني ۽ بغاوت، بغاوت آزادي آزادي ڪندي تخت دار تي چڙهي ڦاهي جي ڦندي کي موتينجي مالها سمجهي ڳلي ۾ پائي هميشه لاءِ امر ٿي ويو. ننڍي کنڊ  تي انگريزن جي غلامي کان آزادي جو متوالو پنهنجي ٻن ساٿين سان تخت دار تي نالو لکي ويو. بقول شيخ اياز جي

جئه جَنَنِي جنم _ڀُومِي!

تنهنجيءَ گود امرتا آڇي،

مٽيءَ کي مريادا آڇي،

تنهنجي لاءِ مري مون ماتا،

جنم جنم جا مارڳ پاتا،

جَئه جَئه جَنَنِي جَئه جَئه جِيجِي!

جَئه جَئه ڌرتي، جَئه جَئه ڌرتي!

جئه جَنَنِي جنم _ڀُومِي!

جڏهن فيصل آباد پهچندي جڙانوالا پهتاسين ته مون بي ساخته رڙ ڪندي چيو اچي وياسين. ڀڳت سنگهه جي گهر!! اکين ۾ ڳوڙها خوشي ۽ ڏک ۾ ڄڻ ڳلو بند ٿي ويو. حسرتن جي پهاڙ کي پار ڪري اڄ اهو منظر ڏسڻ آئي هئس. هن وقت اقبال صاحب جيڪو هندستاني پنجاب مان لڏپلاڻ کانپوءِ جڙانوالا آيو ۽ سڄي پاڙي جي رهائش جي حساب سان مرمت ڪرائي پر ڀڳت سنگهه جو ڪمرو ڪتابن رکڻ واري ٽجوڙي، سُٽ اُڻڻ وارو چرخو، ان پيهڻ وارو جنڊ يادگار طور رکيل هو. اها سنڀال ان لاءِ نه هئي ته ڪو اهي شيون هن وقت ڪم جون هيون پر غلاميءَ مان آزادي  لاءِ قرباني ڏيندي شهيد  جي گهر جا يادگار هئا. مونکي هر هڪ شئي ڀلي کڻي ٽٽل هئي پر ان ۾ عڪس ڀڳت سنگهه جو پيو اچي.

اڱڻ جي در وٽ ٻير جو وڻ جيڪو ڀڳت سنگهه پنهنجي هٿن سان لڳايو هو انهيءَ وڻ جي هڪ ٽاريءَ تي ڀڳت سنگهه جي نالي جي تختي لڳل هئي.مطلب ته تاريخ ۽ تاريخ جا ماڳ اتساهه ڏيندڙ هوندا آهن. جيڪڏهن ڪير تاريخ کان بي خبر رهي انفرادي ٿي سوچي ته ڄڻ اکين کان نابين لٺ ذريعي زمين تي ٿاڦوڙا ڏئي هلڻ برابر هوندا.

انهيءَ تاريخي شهر جڙانوالا ۾ مذهبي متڀيد جي تضاد جي تضاد ۾ڪرسچن ڪالوني جا گرجا گهر ۽ ڪالونيءَ کي سڙندي ٻرندي ڏٺو.ڪيتريون انساني جانيون ضايع ٿيون ته هر ساڃاهه وند کي پنهنجو اندر سڙندو محسوس ٿيو. تاريخ کان گمراهه انسان، انتهاپسندي جي اوڙاهه مان بيهي مچ ٻاري، امن ۽ سڪون کي خراب ڪن ٿا. اهي مذهبي تقدس جو پرچار نه پر ڄڻ پنهنجي ئي مذهب کي پائمال ڪن ٿا.

ڪرسچن به اهِل ڪتاب آهن. جڏهن اهو پڙهايو ٿو وڃي ته انجيل به آسماني ڪتاب آهي، باقي ترميمون ۽ اصلاح ٿيندا رهيا آهن. هر آسماني ڪتاب جي اهميت پنهنجي آهي. مسلمان، آخري ڪتاب قرآن پاڪ تي يقين رکن ٿا. ڏسجي ته قرآن ئي واحد مذهبي اهڙو رستو ٻڌائي ٿو جنهن ۾ ڪنهن به پهريان آيل آسماني ڪتابن جي پيروي ڪندڙن جي توهين کان سختيءَ سان منع ٿيل آهي ۽ انتها پسندي ته بلڪل منع آهي. دين مذهب اندر جو عقيدو ۽ عبادت آهي.  هر ماڻهو پنهنجي عقيدي جو جوابدهه آهي. اسلام سيکاري ٿو ته جبر نه پر عمل ۽ اخلاق ذريعي پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ ڏي مائل ڪيو پر جڙانوالا جي واقعي ته ڌوڏي ڇڏيو آهي. بلڪه انتها پسندي جي خوفناڪ فضا قائم ڪري امن کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.

ان کان اڳ سڄي دنيا جي تاريخي پسمنظر ۾ وڃبو ته خبر پوندي ته بوقت ضرورت ڪنهن به تهوار تي مسلمانن جي گهڻائي ۽ گوردوارا، گرجا گهر استعمال ٿيندا رهيا آهن. انتهاپسندي ۾ ئي مذهب جي توهين ۽ انسانيت پائمال ٿيندي رهي آهي. مذهب ڪنهن جي ميراث ناهي، انسانيت ۽ قدرن جو بهترين روشن ڏيئو آهي جنهن لاءِ چئي سگهجي ٿو ته ”اندر تون اجار پنا پڙهندين ڪيترا.“ ڪنهن به عبادت گاهه مسجد، مندر ، گردواري ۾ امن ۽ ڀائيچاري جو بهترين پيغام ڏيڻ جي جاءِ آهي.

قائداعظم 11 آگسٽ جي تقرير ۾ اقليتن کي يقين ڏياريو هو ته هنن جو تحفظ ڪرڻ ملڪ جي حڪمرانن ۽ آئين قانون جو حصو رهندو. هن وقت مشينري اسڪول ڪرسچن جا آهن جتي مسلمانن جي ٻارن کي به پڙهايو وڃي ٿو. علم جي مشعل  سڀني لاءِ هڪجهڙي روشني پيدا ڪندي آهي. اقليتي مذهب لاءِ اخلاقيات جو سبجيڪٽ به هوندو آهي جيئن مارڪن جي تناسب ۾ فرق نه اچي.

اهو بهتر ۽ خوش آئيند فيصلو آهي ته اهل حديث جي هڪ مسجد ۾ اتان جي مولانا پنهنجي سڀني مولوي صاحبان جي صلاح سان ڪرسچن کي سندن عبادت جي اجازت ڏني وئي آهي. اهڙي طرح امن ڀريو ماحول ئي ملڪن ۽ قومن جي سلامتيءَ لا ءِ بهتر عمل آهي.

جڙانوالا جي ڪرسچن آبادي، پاڪستان ٺهڻ کان اڳ آباد آهي ٻن ملڪن جي عليحدگي ۾ جيڪي هندستان ويا يا اهي هندستاني ۽ جيڪي پاڪستان ۾ رهيا اهي پاڪستاني آهن. اڄ به پاڪستان کان وڌيڪ مسلمانن جي آبادي هندستان ۾ رهي ٿي، ڇا انهن کي اتي مذهبي انتهاپسندي جي بنياد تي لڏپلاڻ ڪرائي ڇا ٿو حاصل ڪري سگهجي. دنيا جي پورهيتن لاءِ مارڪسي نظريو رکندڙ ڪارل مارڪس به ڪرسچن هو. پورهيتن جي اهڙي نظريي انسانن جي بنيادي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي نڪي مذهب جي بنياد تي نفرت جي!

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.