دنيا گهڻو ڪري سمجهي ٿي ته غلامن جو واپار، ڪاروبار ۽ غلامي ماضيءَ جي ڳالهه آهي. ارڙهين ۽ اڻويهين صديءَ ۾ پنهنجي جوڀن تي رهندڙ ان انساني واپار، جيڪو آفريقا مان ٻيڙا ڀري دنيا جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ غلام پهچايا. هي دنيا جي تاريخ جو ڪارو واپار 1400ع کان 1900ع تائين آفريقا جي کنڊ کان هڪ ئي وقت چئن عالمي رستن جي ذريعي ٿيو. سڀ کان وڏو واپار بحر اوقيانوس جي پار ٿيو، جيڪو يورپ جي قبضي هيٺ آيل اتاھ آمريڪي کنڊ: اتر وچ ۽ ڏکڻ آمريڪا لاءِ ٿيو. ٻيو آفريقا جي ’صحارا‘ ريگستان جي پار، ڏکڻ ريگستاني حصي کان اتر آفريقا ڏانهن هو. ٽيون ڳاڙهي سمنڊ ذريعي وچ اوڀر ۽ ننڍي کنڊ ڏانهن ٿيو. چوٿون هندي وڏي سمنڊ ذريعي اوڀرندي آفريقا کان وچ اوڀر وارن ملڪن ۽ ننڍي کنڊ ڏانهن ٿيو. پر اڄ پاڻ ان غلاميءَ جي ڳالهه نٿا ڪريون، پر هن دؤر ۾ هلندڙ غلاميءَ ڪجهه حقيقتن سان روشناس ٿيون ٿا.
”ڀوتار تون مالڪ آهين“، ”سائين سردار اسان تنهنجا ٻانها“، ”مرشد ٻارين ٻچين تنهنجا غلام“، ”سائين تون ئي اسان جو والي وارث“، ”….. صاحبه تون اسان جي مالڪ جيجي…..“ اهڙا جملا، آواز ۽ پڙلاءُ سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ، شهر هجن يا ٻهراڙيون هر جاءِ تان اچن ٿا. هي جملا جديد غلاميءَ جي موجودگيءَ جي ڪئي اهڃاڻن مان هڪ اهم اُهڃاڻ آهي. دنيا ۾ جديد غلاميءَ تي تحقيق، ڪم، ان کي گهٽائڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ٿي رهيو آهي. انهن سڄي ڪرت کان ڄڻ سنڌ اڻ واقف آهي. هن صديءَ جي شروعات ۾ سنڌ ۾ ’بانڊيڊ ليبر‘ جبري/نسل درنسل مزدوري/هارپو‘ ۽ بٺن تي ڪم ڪندڙن جي باري ۾ ڪجهه اهم ڪم ٿيا. پر ان غلامي جي سياسي، سماجي، اقتصادي، مذهبي ۽ ثقافتي بنيادن کي جانچي ڪو ڏور رس ڪم نه ڪيو ويو آهي. جنهن تي هاڻ لاڳاپيل ادارن، تنظيمن ۽ ماهرن کي گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي. هڪ ننڍڙي پريءَ فاطمه جو دردناڪ قتل، سنڌ جي ڪئي غلامن جي زنجيرن کي ظاهر ڪيو آهي. ان تي جذبات سان گڏ، عقل، تحقيق ۽ تحرڪ سان اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي.
غلاميءَ جو وجود انساني تهذيبن ۾ پنهنجن مختلف شڪلن ۾ هزارن سالن کان موجود آهي. پوين ٻن صدين ۾ تقريباً سڄي دنيا ۾ ان تي پابندي هنئي وئي. دنيا جي سڀن عالمي ۽ ملڪي قانونن ۾ ان جي گنجائش نه رهي آهي. هاڻ غلامي، پنهنجا روپ مٽائي، قانوني نرغن کان نڪري غير رسمي ۽ لڪل دنيا جو لباس پائي تقريباً ساري دنيا ۾ موجود آهي. غلاميءَ جي خلاف جُڙيل عالمي تنظيم Anti-Slavery ان ۾ انساني اسمگلنگ، زوري ونگاري مزدوري، قرض ڏئي نسل درنسل ٻڌل/غلاماڻو هارپو، نسلي غلامي (سيدن، پيرن، ميرن وٽ رکيل گولا جن جو اولاد پڻ انهن جي غلاميءَ ۾ اچي ٿو) ٻارڙن جي مزدوري ۽ غلامي، زوري ڪرايل ننڍي عمر جون شاديون، گهرن/حويلين/ وڏن ماڻهن وٽ ڪم ڪندڙ عورتون جن کي ٻانهيون تصور ڪيو وڃي ٿو! ان کانسواءِ ٻارڙين کي جنسي ڪاروبار ۾ شامل ڪرڻ واري ڀيانڪ ڪرت کي پڻ جديد غلاميءَ جو حصو تصور ڪيو وڃي ٿو. انهن غلاميءَ جي قسمن تي ٿورو غور ڪري پنهنجي چؤگرد ۽ گهر ۾ ڏسنداسين ته اسان کي خبر پئجي ويندي ته دنيا جي لڳ ڀڳ پنج ڪروڙ کان مٿي اهڙين غلامين مان سنڌ ۾ ڪيتريون غلاميون آهن!
جيڪڏهن عالمي پڌرنامن ۾ ڏسبو ته انساني حقن جي عالمي پڌرنامي جي آرٽيڪل 4 مطابق ”ڪنهن کي به غلاميءَ يا جبري اطاعت ۾ نٿو رکي سگهجي”. پاڪستان جو آئين هر قسم جي استحصال کي غير آئيني ۽ غير انساني قرار ڏي ٿو. ”غلامي جي وجود جي اجازت ناهي ۽ اها (مڪمل طرح) منع ٿيل آهي، ۽ ڪو به قانون ان جي اجازت ڪنهن به شڪل ۾ نٿو ڏئي سگهي“….. ”هر قسم جي جبري پورهئي ۽ ماڻهن جي اسمگلنگ تي پابندي آهي. 14 سالن کان گهٽ عمر جو ڪو به ٻار ڪنهن به ڪارخاني يا کاڻ يا ڪنهن ٻي خطرناڪ روزگار م نه لڳايو ويندو….“ اِهو پاڪستان جي آئين جي آرتيڪل 11 ۾ (3-1) چِٽو لکيل آهي. ان کانسواءِ جبري پورهئي جي 1992ع جي قانونسازي ذريعي خاتمو ڪيو ويو هو. ان کانسواءِ ڪيترائي مرڪزي ۽ صوبائي قانون آهن، جيڪي ان اڻ سڌي طرح جي جديد غلاميءَ جي خلاف موجود آهن. ايترن قانونن ۽ آئين جي باوجود اسان جهڙن ملڪن ۾ اِها غلامي ڪر کنيو بيٺي آهي. غلاميءَ جي جديد وصف 1926ع ۾ ليگ آف نيشن (جيڪا گڏيل قومن جي ٻي عالمي جنگ تائين پهرين شڪل هئي) ۾ سامهون آئي: ”ڪنهن به ماڻهو جي اهڙي حالت يا حيثيت جنهن جي نتيجي ۾ هن جي مٿان (ڪو ٻيو) مالڪيءَ جا حق رکي يا جتائي“.جديد غلامي جا چار اوگڻ آهن. هڪ ته ماڻهو ڪنهن ڇيهي (ڌمڪي) يا خطري جي ڪري ڪم ڪري، ٻيو ته ڪنهن ’مالڪ‘ جي مالڪي يا ڪنٽرول ۾ هجي، جيڪو هن تي ذهني، جسماني يا ظالمانه/ڌمڪي آميز طريقي سان پنهنجي اثر هيٺ رکي. ٽيون ته ان کي انسان وکر سمجهي ۽ ان جي تذليل ڪري. چوٿون ته هن جي چرپر، اچ وڃ ۽ آزادي کي بلڪل محدود ڪري ۽ پنهنجي مرضيءَ تي رکي.
جيڪڏهن انهن چئن خصوصيتن جا پيرا کڻنداسين ته اسان کي هر طرف حاڪم ۽ مالڪ نظر ايندا ۽ انهن جي اطاعت ۽ غلاميءَ ۾ انبوھ نظر ايندا. شهر، واهڻ، ڳوٺ، تعلقا ۽ ضلعا ننڍن ۽ وڏن حاڪمن ۾ ورهايل آهن. آخر هڪ جمهوري، آئيني ۽ بظاهر شعور رکندڙ ملڪ ۽ هڪ مزاحمتي صوبي سنڌ ۾ ان نئين دؤر جي غلامي ڪيئن پاڙون پڪيون ڪيون آهن، ان تي گهڻ رخي غور، تحقيق ۽ ان کان پوءِ عملي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.
جديد غلاميءَ جا پاڇا گهڻو ڪري زراعت (زرعي هارپو ۽ مزدوري)، کاڻن ۽ کوٽڻ واري ڪم، اڏاوتي ڪم، سرون ٺاهڻ، قالين اڻڻ، گهريلو خادمائن/ڪم ڪندڙ ۽ جنسي ڪاروبار ۾ تمام گهڻو آهي. هارين کي بي دخل ٿيڻ جو ڊپ، ڳوٺ مان لڏائڻ جو خطرو، مزدورن کي پنهنجي ٻچن لاءِ ان/ڳڀو نه ملڻ جو ڊپ، گهر ۾ ڪم ڪندڙ عورتن کي نينگرين کي پنهنجي ڪٽنب جي بک ۽ اوگهڙ جو خيال، مزدورن جو گهڻو هئڻ ۽ مزدوريءَ جو گهٽ يا اڻ لڀ هئڻ، اهي عنصر ڪنهن به انسان جي استحصال لاءِ مؤثر حالتون پيدا ڪن ٿا. سنڌ خاص ڪري ٻهراڙي سنڌ پاڪستان جو غريب ترين ۽ اقتصادي طور تي پوئتي پيل حصو آهي. غربت، دنيا جي تحقيقن مطابق هڪ اهڙو عنصر آهي، جيڪو انسان کي جديد غلاميءَ جي کوھ ۾ ڪرڻ لاءِ زور سان ڌڪو ڏي ٿو. ان جي استحصال ڪرڻ ۾ ڪنهن کي پوءِ ڏکيائي نٿي ٿئي! گڏيل قومن/ يو اين ان ڳالهه کي مڃيو آهي ته ”انتهائي غربت“ ۾ غرق ٿيل ڪروڙن ماڻهن سان جديد غلاميءَ جا سڀئي قسم لاڳاپيل آهن. ننگن ۽ بکن جسمن وٽ ذهن مفلوج ٿي ويندا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ظلم ڪندڙن لاءِ انهن کي نوڪري، ماني ڳڀي، ٻاهر موڪلڻ، سال جوان ڏ يڻ جهڙن جهلن ۾ قابو ڪرڻ آسان ٿي پوندو آهي.
بيروزگاري جو وڌڻ، غربت جو وڌڻ آهي. گهٽ نوڪريون، ڪريل اقتصادي چرپر غريب جي حالت اڃان بدتر ڪري ڇڏين ٿيون، جنهن جي نتيجي ۾ ڪنهن وڏيري، ڏاڍي، ڪاموري جي آڏو هو پنهنجي آزاديءَ تان هٿ کڻي ٿو ۽ جديد غلاميءَ جو حصو بڻجي وڃي ٿو. ان ۾ غربت، بيروزگاري سان گڏ تعليم جو نه هجڻ يا بلڪل گهٽ هجڻ ۽ آگاهي نه هجڻ پڻ انسان کي جديد غلاميءَ جي جڪڙ ۾ آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا. غير رسمي ۽ لڪل قرض ۽ وياج غريب کي نسل در نسل غلام رکڻ ۾ هڪ اهم هٿيار طؤر تي استعمال ڪيو ويو آهي. آسان ۽ مناسب شرطن تي قرض تائين رسائي (خاص ڪري مائڪرو ڪريڊٽ) جي نتيجي ۾ استحصالي طبقو جيڪو ماڻهن کي ڳرا قرض ڏئي جبري پورهئي ۾ جڪڙي ڇڏي ٿو، ان کان بچي سگهجي ٿو. بنگلاديش ۽ ڪن ٻين ملڪن جا مثال اسان جي سامهون آهن. اسان وٽ پڻ مائڪرو فائنانس ۾ ڪافي ادارا ڪم ڪن پيا. تعليم جي اڻ هوند ۽ غربت ٻه اهڙا عنصر آهن، جيڪي ان قرضن واري ڪولو کي مضبوط بڻائين ٿا. بهتر تعليمي نظام، ننڍا ننڍا مؤثر قرض، ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا، هڪ وڏي غريب آباديءَ کي جديد غلاميءَ مان ڪڍي سگهن ٿا. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سنڌ جي غريب ترين طبقي لاءِ اهم جهل ثابت ٿيو آهي.
علاقائي ۽ جاگرافيائي حالتن جي ڪري پڻ جديد غلاميءَ کي هٿي ملي ٿي. ڪٿي ڪنهن جو راڄ ڀاڳ، اثر ۽ هڪ قسم جي جاگرافيائي طاقت جي ڪري ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ته ”فلاڻي خان/سردار/ملڪ/گادي نشين جو علائقو آهي. سائين، انهن جي چوڻ کان/اجازت کانسواءِ ڪو به ڪجهه نٿو ڪري سگهي.“ اِها علاقائي طاقت ۽ ورڇ پڻ جديد غلامي کي هٿي ڏي ٿي.
جنهن معاشري ۾ ٻٽو ادارتي نظام هوندو آهي، يعني هڪ بظاهر ايندڙ ادارا ۽ ٻيا لڪل يا غير رسمي ادارا، اِهو نظام ڪٿي ثقافتي طور تي ۽ ڪٿي وري اڻ سڌي سياسي طور تي مروج هوندو آهي. ان ٻٽي نظام ۾ جديد غلامي کي ان ڪري هٿي ملندي آهي جو بظاهر وارو نظام غير رسمي نظام جي آڏو گهڻو ڪري يا ته بي وس هوندو آهي يا اڻ سڌي طرح لڪل نظام کي طاقت وٺائيندڙ هوندو آهي.
جتي ذات پات جو فرق وڌيڪ هوندو، اتي اڻ برابري سماج جي هر حصي ۾ نظر ايندي، ٻارن ۽ عورت جي خلاف متڀيد، خاص ڪري جتي صنفي اڻ برابري وڌيل هوندي، مذهبي اقليت لاءِ رڻ ٻريل هوندو، اتي جديد غلامي جي اسرڻ جا امڪان وڌيڪ هوندا آهن.جيڪڏهن پنهنجي پاڙيسري ملڪ هندستان کي ڏسنداسين، جتي اڄ به جبري پورهيو شايد دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي، ان جبري مزدوريءَ ۾ اسي سيڪڙو کان مٿي دلت آهن، جن کي اڇوت چيو وڃي ٿو. ان ذات پات جي ورڇ ۽ فرق جا اثر اڃان به سنڌ جي معاشري ۾ نظر اچن ٿا.
طرز حڪمراني نه صرف جديد غلاميءَ کي وڌڻ يا گهٽجڻ جو سبب آهي، بلڪه بهتر يا خراب طرز حڪمراني (گڊ يا بئڊ گورننس) ڪنهن به ملڪ کي بهتري يا تنزلي ڏانهن وٺي وڃڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. حڪومتي طرز حڪمراني کي عام فهم لفظن ۾ ” حڪومت جو قانون ۽ قاعدا عمل ۾ آڻڻ ۾ مؤثر هجڻ، قانون جو معيار، قانون جي حڪمراني، جمهوري سياسي استحڪام، بدعنواني تي ڪنٽرول، عام ماڻهن کي راءِ جو اظهار ۽ حڪومت (۽ ادارن جو) عوام ڏانهن جوابده هجڻ آهي”. روز روز جيڪو ظلم، بربريت ۽ ناانصافي جا اعليٰ مثال ڏ سون ٿا، اُهي سڀ ٻڌائين پيا ته اسان جي طرز حڪمراني ڪٿي بيٺل آهي.
غلاميءَ جي واڌ ويجهه لاءِ حالتن يا عنصرن مان ڪجهه اهم عنصرن جو ذڪر ڪيون ٿا.جيڪڏهن ڪنهن طبقي، فرد يا ٽولي وٽ ”ڪنهن تي تشدد ڪرڻ ۽ ظلم ڪرڻ لاءِ ان تائين پهچڻ“ جا رستا کليل آهن ته پوءِ اُتي جديد غلامي ضرور پروان چڙهندي. ”سائين ڏاڍا آهن، مارائي ڇڏيندا،….“ اهڙا جملا۽ ڊپ غلامي ڏانهن ڪمزور انسان کي لاڙين ٿا. ان ڏاڍ ۽ ظلم ڪرڻ جي ڪا صنفي شناس ناهي. طاقتور ڌُر جو مرد هجي يا عورت سو ساڳي نموني جو ڏهڪاءُ پيدا ڪندو.
اسان ڏٺو ته ڪيئن سماجي، سياسي، اقتصادي، مذهبي ۽ ڪن صورتن ۾ ثقافتي حالتون، جديد غلاميءَ کي واڌ ويجهه ڏين ٿا. جيڪڏهن غربت کي گهٽائڻو آهي ته ان لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ، ننڍن ۽ وڏن ڪاروبارن کي وڌائڻ، زراعت سان لاڳاپيل صنعتن کي هٿي ڏيڻ، ننڍن قرضن جي ترسيل ۽ انتظام کي بهتر ڪرڻ لازمي آهي. ٻيو اسان ڏٺوسين ته جيتري تعليم ۽ ڄاڻ وڌيڪ هوندي، اوتري غلامي پوئتي ڌڪبي. ان لاءِ سنڌ ۾ جيڪو هيڏو وڏو خرچ تعليم تي ٿئي پيو ان جو فعال هجڻ ضروري آهي. علم جي نتيجي ۾ عام ۽ سائنسي ڏاهپ پيدا ٿئي ٿو، پيرن جي ڪرامتن تان ويساھ کڄي ٿو، جيئن الله پاڪ پاڻ حڪم ڪيو آهي ته ”آئون ان جي قسمت/حالت نه تبديل ڪندو آهيان، جيسين هُو پاڻ ڪوشش نه ڪري“. تعليم سان گڏ بهتر ۽ مفت صحت جون سهولتون، بهتر روڊ رستا ۽ صاف پاڻي، غربت کي پوئتي ڌڪڻ ۾ ڪامياب ويندا.