يوگني پريگوزن جھاز جي ھڪ حادثي ۾ مارجي ويو آھي.ھي اھو ئي شخص ھو،جنھن روس جي حڪومت خلاف ھٿياربندي بغاوت جي جرئت ڪئي ھئي.ھو ھڪ ھٿياربند گروھ جو اڳواڻ ھو.
پريگوزن جو موت اربع واري ڏينھن ٿيو آھي.سندس جھاز ماسڪو جي اتر اوڀر ۾ ھڪ حادثي جو شڪار ٿي ويو.جنھن جو سبب تاحال سامھون نھ اچي سگھيو آھي.پريگوزن رڳو ٻھ مھينا اڳ صدر پيوٽن جي اقتدار لاءِ ھڪ وڏو خطرناڪ چئيليج بڻجي سامھون آيو ھو.جنھن بعد پراسرار طور تي پريگوزن جو موت سوين سوال پيدا ڪري رھيو آھي.چيو ٿو وڃي تھ ماضي ۾ پڻ پيوٽن جي سمورن مخالفن جو اھڙي ريت ئي موت ٿيو آھي، انڪري ان بابت وڌيڪ شڪ پيدا ٿي رھيا آھن.
ڪجهه مهينا اڳ تائين پريگوزن روس جي صدر پيوٽن جو اعتماد وارو ساٿي سمجھيو ويندو ھو. ٻنھي جو تعلق ان وقت کان آھي جڏھن اھي ٻئي سوويت يونين جي ڳجهي ايجنسي ڪي جي بي ۾ ڪم ڪندا ھئا.ٻنھي ۾ ڇڪتاڻ ۽ ان بعد ٽڪراءُ 23 جون تي شروع ٿيو. جڏهن يوڪرين ۾ جاري جنگ بابت تنقيد ڪندي پرگوزن نھ رڳو روسي فوجي قيادت تي تنقيد ڪئي.پر،پريگوزن سندس ڪمان ۾ ھٿياربند ويڙھاڪن جي گورپ ” ويگنر“ کي حڪم ڏنو ته يوڪرين جي سرحد جي ويجهو روستوف شهر تي قبضو ڪيو وڃي. ان تي عمل ڪرڻ بعد ويڙھاڪن کي ماسڪو ڏانهن اڳتي وڌڻ جو پڻ حڪم ڏنو ويو.ان ويڙھ جي نتيجي ۾ روس جي وزير دفاع سرگئي شوئيگو ۽ سندس ويجهن ساٿين کي استعيفيٰ ڏيڻي پئي.
بهرحال اھا بغاوت بيلاروس جي صدر جي مداخلت ڪرڻ تي ڳالهين بعد ختم ٿي وئي.پر روس جھڙي ملڪ ۾ ٿيل ان بغاوت جو پڙاڏو سموري دنيا ۾ ٻڌڻ ۾ آيو، اھو سمجھيو ويو تھ صدر پويٽن جو ڪنٽرول ختم ٿي رھيو آھي.جنھن جو نفسياتي طور تي وڏو اثر پڻ پيو.صدر پيوٽن ان واقعي کي ”تختي اونڌي ڪرڻ جي سازش“ قرار ڏنو ھو ۽ سازش جي مرڪزي ڪردارن کي ”غدار“ ۽ ”روس جي پٺيءَ ۾ ڇرو ھڻندڙ“ سڏيو ھو.
ان بغاوت بعد ويگنر گروپ جا ماڻھون روس ۾ سرعام گھمندا ڦرندا رھيا ھئا.جنھن بابت چيو ويندو آھي تھ پيوٽن معاملن کي ٿڌي دماغ سان نبيريندو آھي.صدر پيوٽن جي دور ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 مخالف يا نقادن کي ’غدار‘ سڏيو ويو.جيڪي روس يا ٻاهرين ملڪن ۾ پراسرار حالتن ۾ موت جو شڪار ٿيا.
ھن معاملي جو ھڪ دلچسپ پاسو ھي بھ آھي تھ روسي صدر پريگوزن کي خراج پيش ڪيو آھي.جيڪو ڪنھن وقت ۾ پيوٽن جو بورچي بھ رھيو ھو.ھن پريگوزن کي ھڪ باصلاحيت بزنس مين قرار سڏيو پر ان کي ھڪ پيچيدھ شخصيت جو مالڪ بھ قرار ڏنو.پيوٽن جو چوڻ ھو تھ ھو پريگوزن کي چڱي ريت سڃاڻندو ھو.ھن سان 1990 کان واقفيت ھئي.ھن چيو تھ جھاز آفريڪا مان واپس اچي رھيو ھو.جنھن ۾ ڏھ ماڻھون سوار ھئا.ان بابت جاچ ٿي رھي آھي.