سنڌ هاءِ ڪورٽ لياري جي سلمان کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ لياري جي علائقي مان گم ٿيل سلمان جي  آزادي واري  ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ٿاڻي چاڪيواڙه جي چونڊيل نمائندي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان کي جيل موڪليو ويندو، عدالت چيو ته ماڻهو پريشان آهن اوهان کي بجيٽ ياد آهي، ٻڌايو وڃي ته سلمان ڪهڙي جاءِ تي آهي، پوليس عدالت کي ٻڌايو ته خبر پئي آهي ته سلمان 15ڏينهن اڳ گهروارن سان ڳالهايو هو، فيملي ڪنفرم ڪيو آهي ته هن وائيس ايپ تي ڳالهايو آهي، عدالت چيو ته پوءِ ان کي آزاد ڪرڻ ۾ دير نه ڪرڻ گهرجي، عدالت لياري جي سلمان جي آزادي کي يقيني  بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.