ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ غيرقانوني پارڪنگ في وٺڻ جي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت سنڌحڪومت ۽ ڊي آءِ جي ٽريفڪ کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي، ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 26 سٽميبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، درخواستگذارگلوبل فائونڊيشن جي وڪيل چيو ته ڪراچي جي سموري شهر ۾ ڊبل پارڪنگ ٿي رهي آهي، عدالت چيو ته ڪهڙي جاءِ تي ٿي رهي آهي نشاندهي ڪئي وڃي، وڪيل چيو ته ڊي ايم سي ۽ ڪي ايم سي پارڪنگ جي اجازت ڏئي رهي آهي، عدالت چيو ته ڪهڙي قانون جي تحت ڏئي سگهي ٿي، وڪيل چيو ته ڪراچي ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، پارڪنگ پلازه ڪي ڊي اي جي ماتحت آهي، جيڪي روڊ ڪي ايم سي جي ماتحت آهي هنن جي ڊبل ۽ غيرقانوني چارج پارڪنگ ٿي رهي آهي، عدالت چيو ته سنڌ حڪومت ڏسي ڪهڙي جاءِ تي غيرقانوني پارڪنگ ٿي رهي آهي، عدالت سنڌحڪومت جي وڪيل کي چيو ته نشاندهي ڪريو ته ڪهڙي جاءِ تي غيرقانوني پارڪنگ آهي پوءِ فيصلو عدالت ڪندي، درخواستگذار جو چوڻ آهي پارڪنگ في 10 رپيا آهن پر 30 رپيا وٺڻي رهيا آهن .