توشاخانا ڪيس: عمران خان کي سزا ختم ٿيندي يا نه، اڄ فيصلو

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف چيئرمين جي سزا معطلي جي درخوست تي ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ  ڪري ورتو، جيڪو اڄ 11 وڳي ٻڌايو ويندو. عمران خان طرفان توشا خانا ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ جي سزا خلاف درخواست تي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس طارق جهانگيري تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪئي. ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿي ته بئريسٽر علي ظفر تحريڪ انصاف چيئرمين سان ملاقات جي اجازت ڏيڻ جي اپيل ڪئي، جنهن تي چيف جسٽس چيو اميد آهي ته درخواست تي فيصلو ٿي ويندو. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل امجد پرويز ايڊووڪيٽ سزا معطلي جي مخالفت ڪندي مختلف قانون ۽ عدالتي فيصلن جا حوالا پيش ڪيا. وقفي کانپوءِ ٻيهر ٻڌڻي شر وع ٿي ته تحريڪ انصاف چيئرمين جي وڪيل لطيف کوسا چيو اليڪشن ڪميشن جي وڪيل جي دليلن ۾ مداخلت نٿو ڪرڻ چاهيان. هن نواز شريف جي سزا معطلي جو حڪم بحال رکڻ جي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو حوالو ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.