لاڙڪاڻي جي خانگي ميڊيڪل اسٽورن تي اينٽي مليريا جون دوائون وڪرو ،جاچ ڪميٽي قائم

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي جي خانگي ميڊيڪل اسٽورن تي ڊبليو ايڇ او پاران مليل اينٽي مليريا جون دوائون وڪرو ٿيڻ واري معاملي تي ڊي جي هيلٿ سروسز سنڌ نوٽيس وٺي ڊائريڪٽر هيلٿ سروسز لاڙڪاڻو جي سربراهيءَ ۾ ٽي رڪني جاچ  ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي جنهن کي 24 ڪلاڪن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ڪالهه ڊائريڪٽر هيلٿ سروسز لاڙڪاڻو جي اڳواڻيءَ ۾ جاچ ٽيم خانگي ميڊيڪل اسٽورن تي ڇاپا هڻي ٻن ميڊيڪل اسٽورن کي ڊرگس قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي سيل ڪري ميڊيڪوز تي به ڇاپا هڻي دوائن جو معائنو ڪري ڄاڻ ورتي، ڊي ايڇ او پاران پاران سرڪاري دوائون خانگي اسٽورن تي وڪرو ٿيڻ جي ترديد ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سروسز سنڌ لاڙڪاڻي جي خانگي ميڊيڪل اسٽورن تي اينٽي مليريا جون دوائون وڪرو ڪرڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو جنهن جي هدايتن تي ڊائريڪٽر هيلٿ لاڙڪاڻو ڊاڪٽر عبدالستار شيخ جي اڳواڻيءَ ۾ 3 رڪني جاچ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا 24 ڪلاڪن اندر ڪاروائي ڪري اهڙي رپورٽ پيش ڪندي جنهن ڪاميٽي ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر قاسم شيخ، ڊي ايڇ او لاڙڪاڻو سيد اطهر حسين شاهه ۽ ڊرگس انسپيڪٽر لاڙڪاڻو صاحب خان ميراڻي شامل آهن. جوڙيل جاچ ڪاميٽي ڪالهه شهر جي گهنٽي ڦاٽڪ واري علائقي ۾ ڇاپو هڻي پاپولر ميڊيڪل اسٽور ۽ لکي بابا ميڊيڪل اسٽور کي ڊرگس قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي سيل ڪري ڇڏيو جڏهن ته جاچ ٽيم شهر جي ڪراچي ميڊيڪوز، مون ميڊيڪوز سميت دوائن جي ٻين هو سيل دوڪانن تي ڇاپا هڻي دوائن جو معائنو ڪري ڄاڻ ورتي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊائريڪٽر هيلٿ سروز لاڙڪاڻو ڊاڪٽر عبدالستار شيخ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا تي اينٽي مليريا جون سرڪاري دوائون ميڊيڪل اسٽورن تي وڪرو ٿيڻ جون ويڊيوز وائرل ٿيون جنهن معاملي جو صحت کاتي بروقت نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي جڏهن ته صحت کاتي جي صوبائي وزير، سيڪريٽري هيلٿ ۽ ڊي جي هيلٿ منهنجي اڳواڻيءَ ۾ جاچ ڪاميٽي جوڙي آهي ان تي اسان ميڊيڪل اسٽورن جا دورا ڪري ڊرگس قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ٻن ميڊيڪل اسٽورن کي سيل ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪٿي به اهڙي قسم جو ڪم ٿيو ته ان خلاف سخت ڪاروائي ڪري ان کي بخش نه ڪيو ويندو تنهن ڪري اهڙا ميڊيڪل اسٽور ۽ هول سيلر هن ڪم کان پاسو ڪن ٻي صورت انهن کي قانون جي دائري ۾ آندو ويندو. هوڏانهن ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر لاڙڪاڻو ڊاڪٽر سيد اطهر حسين شاهه طرفان سوشل ميڊيا تي لاڙڪاڻي ضلعي جي مختلف پرائيويٽ ميڊيڪل اسٽورن تي سرڪاري دوائن جي وڪري بابت آيل خبرن کي بي بنياد قرار ڏيندي پنهنجي جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو آهي ته ڊي ايڇ او آفيس پاران مليريا وارين دوائن جي اسٽڪ جي ويريفڪيشن ڪئي وئي ۽ رجسٽرن ۾ مليريا جي دوائن ۾ ڪا به هيرا ڦيري نه ڏٺي وئي. پرائيويٽ اسٽورن تان مليل دوائون ۽ ڊي ايڇ او آفيس جي دوائن جا بيچ نمبر دوائن ٺهڻ ۽ مدي خارج ٿيڻ جون تاريخون ساڳيون نه هيون. ڊي ايڇ او چيو ته ضلعي اندر مليريا تي ڪنٽرول لاءِ ميڊيڪل ڪئمپون لڳائي مريضن جي طبي امداد ڪئي پئي وڃي. صحت کاتي جي سينٽرن تي دوائن جو اسٽاڪ موجود آهي ڊاڪٽر ۽ عملو پابندي سان ڊيوٽي ڪري رهيو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.