اسلام آباد (م ڊ) چيف اليڪشن ڪمشنر سان ايم ڪيو ايم وفد ملاقات ڪئي آهي. ايم ڪيو ايم جي وفد ڪراچي ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽن ۾ واڌ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد چونڊن جي معاملي تي چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ڪراچي جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽن ۾ واڌ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب ڪراچي جي آبادي وڌڻ سان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ نمائندگي وڌيڪ بڻجي ٿي. ذريعن موجب ايم ڪيو ايم پاڪستان چيو آهي ته ڪراچي جي ماڻهن کي انهن جو آئيني ۽ قانوني حق ڏنو وڃي.متحده پاڪستان وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ قومي اسيمبلي جون 2، صوبائي اسيمبلي جون 4 کان 6 سيٽون وڌايون وڃن. ذريعن موجب چيف اليڪشن ڪمشنر به اهو مڃيو ته محتاط اندازي موجب ڪراچي ۾ قومي اسيمبلي جي هڪ جڏهن ته صوبائي جون 3 سيٽون وڌن ٿيون. ٻئي طرف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات کان پوءِ ڊاڪٽر فاروق ستار صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي تڪن ۾ هيٺ مٿانهين نٿي ٿي سگهي. صوبي جي آبادي جي حوالي سان سيٽن جي هيٺ مٿانهين ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات دوران چونڊن کان اڳ ڌانڌلي روڪڻ تي به ڳالهيون ڪيون ويون. ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار ان موقعي تي وڌيڪ چيو ته قومي اسيمبلي نه هوندي ته آئين ۾ ترميم نٿي ٿي سگهي. سيٽن جي انگ ۾ واڌ به نٿي ٿي سگهي. بين الصوبائي سيٽن ۾ به هيٺ مٿانهين نٿي ٿي سگهي. اهو مسئلو 5 آدمشمارين کان ڀوڳي رهيا آهيون..
سائفر ڪيس: شاهه محمود قريشي جي رمانڊ ۾ ٽيون ڀيرو واڌ
اسلام آباد: (م ڊ) آفيشل سيڪرٽ ايڪٽ عدالت سائفر ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي جي جسماني ريمانڊ ۾ 2 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي کي 3 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ مڪمل ٿيڻ تي سائفر ڪيس ۾ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ان ڪيمره ٻڌڻي کان پوءِ عدالت شاهه محمود قريشي کي وڌيڪ 2 ڏينهن جي لاءِ جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي جي حوالي ڪري ڇڏيو. نيب طرفان اسپيشل پراسيڪيوٽر ذوالفقار نقوي عدالت ۾ پيش ٿيو جڏهن ته شاهه محمود جي طرفان بابر اعواڻ ۽ شعيب شاهين پيش ٿيا.عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته ڪيس ۾ اڳڀرائي نه ٿي ته وڌيڪ جسماني ريمانڊ نه ڏنو ويندو. ايف آءِ اي سائفر ڪيس ۾ شاهه محمود قريشي کان جاچ ڪري رهي آهي. ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي شاهه محمود قريشي جو وڌيڪ جسماني ريمانڊ گهريو جنهن تي جوابدار جي وڪيل بابر اعواڻ جسماني ريمانڊ جي مخالفت ڪئي ۽ پنهنجي دليلن ۾ مختلف اعليٰ عدليه جي فيصلن جو حوالو ڏيندي چيو ته شاهه محمود جو سائفر ڪيس سان ڪوبه تعلق نه آهي. عدالت شاهه محمود جو ٻن ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪري ورتو.