اسلام آباد(م ڊ) سلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران بغاوت ڪيس ۾ ضمانت تي آزادي بعد ايمان مزاري کي اڊيالا جيل ٻاهران ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي. ايمان مزاري جي اڊيالا جيل مان آزادي وقت اسلام آباد پوليس جيل ٻاهران موجود هئي. ٻئي پاسي علي وزير ۽ ايمان مزاري جي ضمانت منظور ڪري ورتي، جج ابو الحسنات ايمان مزاري ۽ علي وزير جي ڌمڪين ۽ بغاوت لاءِ ڀڙڪائڻ جي ڪيس ۾ ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي هلائي. پراسيڪيوٽر دليل ڏيندي چيو ته ايمان مزاري جي جلسي ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو موجود هئا، ايمان مزاري تقرير ۾ چيو ته رياستي آفيسرن غداري ڪئي آهي.