اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي، ته هاڻي اندازن، افواهن ۽ قياس آرائين جي ڪا به ضرورت ناهي رهي، آڪٽوبر اچي رهيو آهي ۽ انشا الله محمد نواز شريف به اچي رهيو آهي. اهڙو اظهار هن سومر ڏينهن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ڪيو.
ڪي پي ۾ زلزلي جا لوڏا،2 ٻار زخمي
باجوڙ(م ڊ) ضلعي باجوڙ ۾ زلزلي سبب 2 ٻار زخمي ٿي پيا. ريسڪيو 1122 جي اختيارين مطابق زلزلي گذريل ڏينهن صبح 9 لڳي 39 منٽ تي آيو جنهن جي سبب گورنمنٽ هاءِ اسڪول ناوگي جا 2 شاگرد زخمي ٿي ويا. اختيارين مطابق ٻنهي ٻارن کي شروعاتي طبي امداد کانپوءِ فوري طور تي تعلقه هيڊڪواٽر اسپتال ناوگي منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن مطابق انهن جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي وئي آهي. ڪي پي جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا