فاطمه ڪيس ۾ اسد شاهه جي ڊرائيور سميت 12 ڄڻا گرفتار، حنا ۽ فياض شاهه نه پڪڙيا

ڪراچي/ راڻيپور(ع آ نيوز+ رپورٽ: فياض حسين راڄپر ) معصوم نينگري فاطمه واقعو: راڻي پور پوليس پاران شڪي ماڻھن جا ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ جو سلسلو جاري آھي. 6 وڌيڪ ماڻھن جا ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ سيمپل ورتا ويا. اسد شاهه جي ڊرائيور سميت وڌيڪ 12 جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن. ڪالهه ساجد شاھ، اعجاز شاھ، مھتاب شاھ، مشتاق شاھ، آفتاب علي ۽ لياقت شيخ جا ڊي اين اي ڪرايا ويا. جن پاڻمرادو ٿاڻي تي پھچي پيش پئي ڪري پوليس ڪسٽڊي ۾ پنھنجا سيمپل گمس ۾ ڏنا. جنھن بعد سمورن شڪي ماڻھن جا سيمپل ٽيسٽ لاءِ ڪراچي جي ليبارٽري اماڻيا ويندا. ٻئي پاسي ڪجھ باخبر ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ ڪجھ ڏينھن کان لاپته ٿيل پير اسد شاھ جو ڊرائيور اعجاز قاضي ڪراچي مان پوليس پاران گرفتارڪيو ويو آھي. جنھن کي کيس سخت پھري ۾ ڪراچي کان خيرپور آندو ويندو. جنھن کان پڻ جاچ ڪئي ويندي. هوڏانهن ذريعن موجب ٻئي پاسي گرفتار اعجاز قاضي جي مارورٽ پنھنجي ڏنل ويڊيو بيان ۾ چيو آھي ته ايس ايڇ او راڻي پور غلط بياني ڪري رھيو آھي. اعجاز کي گذريل رات ايس ايڇ او فون ذريعي چيو ته اعجاز کي ٿاڻي گھرايو وري ھاڻي چيو پيو ته اعجاز کي ڪراچي مان گرفتار ڪيو آھي. اعجاز ھتي ئي ھيو ھو ڪا به ڀڃي نه ويو ھو ان جو به اڳ ۾ ئي ڊي اين اي سيمپل ورتو ويو ھو ۽ جاچ به ڪئي وئي ھئي. اسد شاهه جي ڊرائيور اعجاز خاصخيلي کي ڪراچي مان ۽ 11 ڄڻن کي راڻيپور جي حويلي مان گرفتار ڪيو ويو. ايس ايس پي خيرپور روحل کوسو جو چوڻ آهي ته ڊرائيور اعجاز خاصخيلي تي مک جوابدار حنا شاهه کي فرار ڪرائڻ جا الزام آهن. اعجاز خاصخيلي حنا شاهه کي فرار ڪرائڻ بعد روپوش ٿي ويو هو، صبح جو پوليس راڻيپور جي حويلي مان 5 جوابدارن کي گرفتار ڪيو. پوليس پاران حويلي مان گرفتار ڪيلن ۾ شوڪت علي عباسي، واجد علي گهانگهرو، اڪرم لاشاري، سڄڻ جوڳي ۽ مهر الدين ونڊير شامل آهن. پوليس پاران حراست ۾ ورتل شڪي جوابدارن ۾ ساجد شاهه، اعجاز شاهه، مهتاب شاهه، مشتاق شاهه، آفتاب علي ۽ لياقت شيخ به شامل آهن. پوليس هيل تائين گرفتار ڪيل مک جوابدار اسد شاهه سميت 22 ڄڻن جا ڊي اين اي سيمپل وٺي چڪي، جوابدارن جا سيمپل مقتول ٻارڙي فاطمه جي ورتل نمونن سان ميچ ڪري ڏٺا ويندا. مک جوابدار حنا شاهه ۽ سندس پيءُ فياض شاهه اڃا روپوش آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.