600 ارب رپين جا بجلي جا لائن لاسز آهن: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ نواز ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ساليانو 600 ارب رپين جي بجلي جا لائن لاسز آهن،  بجلي  ڪيئن سستي ملندي، اڄ پگهارن کان وڌيڪ بجلي جا بلز اچي رهيا آهن، ملڪ ڪيئن هلندو، تقريب کي خطاب ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته اسان جي ملڪ جون جيڪي حالتون آهن، اسان ڪنهن ايوارڊ جا حقدار ناهيون، يوم آزادي تي 600 کان وڌيڪ ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو، هن چيو ته سياستدانن سميت ڪنهن کي ملڪ جي حالتن جو ڪو احساس ناهي، اسان کي پنهنجي برآمدات ۾ 20 ارب ڊالرز واڌ ڪرڻ جي ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.