چيني صدر شي جن پنگ پنجن ملڪن جي اتحاد ”برڪس “ ۾ واڌ جي عمل کي ”تاريخي“ قرار ڏنو آھي.“برڪس“ نالي دنيا جي پنجن ملڪن جو ھڪ اھڙو اتحاد آھي،جنھن ۾ شامل ملڪ دنيا جا شاھوڪار ملڪ آھن، ھاڻي اتحاد ۾ ٻين ملڪن کي بھ شامل ڪيو پيو وڃي، اھڙو فيصلو اتحاد جي ھڪ سالياني اجلاس ۾ ڪيو ويو آھي،جيڪو ڏکڻ آفريڪا جي تجارتي شهر جوهانسبرگ ۾ٿيو.اجلاس جي ڪانفرنس سينٽر ۾ اڳواڻن کي خطاب ڪندي چيني صدر چيو ته برڪس عالمي امن ۽ ترقي کي اڳتي وڌائيندو .
برڪس اتحاد ۾ برازيل، روس، ھندوستان ، چين ۽ ڏکڻ آفريڪا کي گھڻو ڪري اولھھ جي دنيا جي مخالف جي طور تي ڏٺو وڃي ٿو.ايندڙ سال ڇهه نوان ملڪ ارجنٽائن، مصر، ايران، ايٿوپيا، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات ھن اتحاد ۾ شامل ٿي رھيا آهن. چين ھن اتحاد وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھو.تھ جيئن ان عمل سان اھو اولھھ جي غلبي کي گهٽ ڪري سگھي.
چيو ته اتحاد ۾ مستقبل ۾ وڌيڪ ملڪ پڻ شامل ٿيندا.
ٻئي پاسي ڪجھھ اھڙا اشارا مليا آھن،جنھن مان اھو اندازو ٿيو آھي تھ فوري طور تي اتحاد ۾ گھڻن ملڪن کي شامل ڪرڻ بابت اڃان مڪمل اتفاق نھ ٿيو آھي.يوڪرين ۾ جنگي ڏوهن جي الزام ۾ گرفتاري جي خطري سبب روسي صدر ولاديمير پيوٽن ويڊيو لنڪ ذريعي برڪس اجلاس ۾ شامل ٿيو.پنهنجي خطاب ۾روسي صدر اولھ طاقتن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته سندن ’نيو لبرل ازم‘ ترقي پذير ملڪن ۾ روايتي قدرن کي خطرو آهي ۽ هڪ گهڻ قطبي دنيا جي اڀرڻ جو امڪان آهي. جتي ڪنهن هڪ ملڪ يا بلاڪ جو علبو نھ ھجي.
هن نالي کڻڻ بنا، آمريڪا جو ذڪر ڪيو.آمريڪي عملدار برڪس اتحاد جي توسيع کي گهٽ اھميت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.آمريڪا جي ھڪ عملدار چيو ته اهم معاملن تي BRICS ملڪن جي وچ ۾ اختلاف موجود آھي.ھڪ ماھر موجب برڪس اتحاد ۾ شامل ٿيندڙ نون ڇهن ميمبرن مان ڪنهن کي به آمريڪي مخالف رياستن نٿو سمجهيو وڃي. يقينن BRICS اتحاد ۾ ميمبرن جو وڌڻ عالمي سطح تي هڪ تبديلي جي نشاندهي آھي. پر اڃان گھڻو ڪجھ ڪرڻ جي گھرج آھي.
هڪ گڏيل ڪرنسي لاءِ برازيل جي مطالبي کي سنجيده ورتو پيو وڃي. پر ان دوران هندستان کي آمريڪا سان پنهنجي لاڳاپن ۾ توازن رکڻ جي ڪوشش ڪندي ڏٺو ويو. جيتوڻيڪ ڏکڻ آفريڪا ھڪ عالمي اجلاس جي ميزباني ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو جنھن جو ڪو بھ وڏو نتيجو نھ نڪتو.