لعلورائنڪ/قمبر (رپورٽ: محمود شيخ/بدرالدين مغيري) قمبر ڀرسان موٽر سائيڪل ڦر دوران مزاحمت تي ڦورن فائرنگ ڪري 35 سالن جي نوجوان الطاف حسين مغيري کي قتل ڪري ڇڏيو، مقتول نوجوان جي ڀاءُ بدر مغيري ٻڌايو ته منهنجو ڀاءُ سعودي عرب ۾ روزگار ڪندو هو جيڪو ٽي ڏينهن اڳ موڪل وٺي ڳوٺ پهتو هو ۽ اڄ شهر طرف نئين موٽر سائيڪل خريد ڪري اچي رهيو هو ته رستي ۾ هٿياربندن موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ بعد موٽر سائيڪل ڪاهي ويا، ٻئي پاسي مقتول نوجوان جو لاش ڳوٺ پهچڻ تي روڄ راڙو مچي ويو، مقتول جو لاش انڊس هاءِ وي تي رکي ڌرڻو هنيو ويو، مقتول جي ڀاءُ بدر الدين مغيري ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته منهنجي ڀاءُ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي.