لنڊن( م ڊ ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي سپٽيمبر ۾ وطن واپس ورڻ لاءِ اعلانيل تاريخ ۾ ڦيرڦار ڪئي وئي، شريف خاندان وطن واپسي لاءِ نئين تي اتفاق ڪري ورتو. ذريعن جو چوڻ آهي ته لنڊن ۾ نواز شريف جي ڏيهه واپسي جي حتمي تاريخ جو فيصلي لاءِ شريف خاندان جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته نواز شريف سپٽيمبر ۾ وطن واپس نه اچڻ گهرجي. ذريعن موجب، اجلاس ۾ شهباز شريف مشورو ڏنوته نواز شريف سپٽيمبر بدران آڪٽوبر جي وچ ڌاران پاڪستان پهچي جنهن کانپوءِ خاندان 15 آڪٽوبر جي تاريخ تي اتفاق ڪري ورتو آهي.