ڪنب ۾ معصوم ٻارڙي سان جنسي زيادتي، جوابدار جو والد ۽ چاچو گرفتار

خيرپور/ ڪوٽڏيجي/ ڪنب (نمائندن وٽان) ڪنب ٿاڻي جي حد سيال  پاڙي ۾ 8 سالن جي معصوم نينگري سان ڏاڍائي ڪئي وئي، ڪنب  ٿاڻي جي حد سيال  پاڙي جي رهواسڻ 8  سالن جي معصوم  نينگري (ز) سيال کي جوابدار عاقب پاران اغوا ڪري ويران جاءِ تي زيادتي جو نشانو بڻايو، جوابدار عاقب کي زيادتي ڪندي شھرين ڏٺو ته هو فرار ٿي ويو، ٻارڙي جي وارثن وارثن احتجاج ڪندي چيو آهي ته اسان جي 8 سالن جي معصوم نينگري سان زيادتي ڪئي وئي آهي، جوابدار عاقب کي گرفتار ڪيو وڃي، ٻئي پاسي ميڊيا تي وائرل ٿيل خبرن جو ڊي آءِ جي سکر ايس ايس پي خيرپور مير روحل خان کوسو پاران سخت نوٽيس وٺي جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم ڏنو ويو، ايس ايڇ او ڪنب محمد اسلم لغاري پاران الزام هيٺ آيل عاقب چانڊيو جي گهر تي ڇاپو هڻي عاقب چانڊيو جي والد ۽ چاچو گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڪوٽڏيجي تعلقي اسپتال جي ليڊي ڊاڪٽر پروينل رپورٽ جاري ڪري ڇڏي،  رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نينگري سان ڪابه زيادتي ناهي ٿي ۽ نه ئي کيس جسم تي ڪو تشدد جو نشان آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.