اسلام آباد (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سنڌو ڪالهه جمعي ڏينهن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سنڌو انوارالحق ڪاڪڙ کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ چيف آف ايئر اسٽاف نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي پاڪ فضائيه جي پيشيواراڻي معاملن تي بريفنگ ڏني.
نيشنل بينڪ آف پاڪستان طرفان جاري ڪيل مختلف ڪرنسين جا اگهه
ڪراچي (اي پي پي ) نيشنل بينڪ آف پاڪستان طرفان جاري ڪيل مختلف ڪرنسين جا اگهه هيٺين ريت رهيا . آمريڪي ڊالر جو خريدي آگهه303.51۽ وڪري جو اگهه 297.00 رپيا رهيو .برطانوي پائونڊ جو خريدي آگهه 381.37 روپيا رهيو ۽ وڪري جو اگهه 373.17 روپيا رهيو . يوروجو خريدي آگهه 327.27 روپيا رهيو ۽ وڪري جو اگهه 320.83 روپيا رهيو .جاپاني ين جو خريدي آگهه 2.0784 روپيا رهيو ۽ وڪري جو اگهه 2.0337 روپيا رهيو . سعودي ريال جو خريدي اگهه 80.90 ۽ وڪري جو اگهه 79.17 روپيارهيو .يو اي اي درهم جو خريدي اگهه 82.64 ۽ وڪري جو اگهه 81.41 روپيا رهيو .
رٻڙ جي ٽائرن ۽ ٽيوبن جي آمدني واپار ۾ مئي 2023ع دوران سالياني بنيادن تي 67.14 سيڪڙو گهٽتائي
اسلام آباد (اي پي پي) رٻڙ جي ٽائرن ۽ ٽيوبن جي آمدني واپار ۾ مئي 2023ع دوران سالياني بنيادن تي 67.14 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. پاڪستان جي انگن اکرن واري اداري طرفان جاري انگن اکرن مطابق مئي 2022ع جي ڀيٽ ۾ مئي 2023ع دوران ٽائر ۽ ٽيوبن جي آمدني واپار ۾ 67.14 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. مئي 2022ع دوران 3.9 ارب رپين جا ٽائر ۽ ٽيوبن جو آمدني واپار ڪيو ويو جڏهن ته مئي 2023ع دوران ٽائرن ۽ ٽيوبن جي آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 1.11 ارب رپيا رهيو.
ڪوٽ غلام محمد ۾ غريب ڪٽنب ڪنھن مسيحا جو منتظر، امداد جي اپيل
ڪوٽ غلام محمد (رپورٽ:الھداد خاصخيلي)ڪوٽ غلام محمد جو غريب ڪٽنب ڪنھن مسيحا جو منتظر ،معذور پورھيت گرڌاري ميگھواڙ جي زال 5 نياڻين جي ماؤ گھر جي ديوار ڪرڻ سبب ٻئي ٽنگون ٽٽي ويون ،غربت سبب 15 ڏينھن کان گھر ۾ پيل ،زخم ناسور بڻجڻ لڳا ،غربت سبب علاج کان لاچار بڻيل ،عورت ئي گاھ مزدوريءَ ڪري گھر جو گذارو ڪندي ھئي ،مڙس معذور آھي ،وس وارن علاج سميت مالي مدد جي اپيل ، خبر موجب ؛,ڪوٽ غلام محمد ديھ 284 جي ڳوٺ مراد خان نونداڻي واسي معذور غريب پورھيت 5 نياڻين جو پي گرڌاري پٽ ھرچند ميگھواڙ نيشنل پريس ڪلب ڪوٽ غلام محمد پھچي صحافين کي ٻڌايو ته منھنجي گھرواري مٿان 15 ڏينھن اڳ گھر جي ديوار ڪري پئي ھئي ،جنھن سبب ٻنھي پيرن جون ھڏيون ٽٽي ويون ھيون ۽ وقت سر بھتر نه علاج نه ٿيڻ ڪري زخم ناسور بڻجڻ لڳا آهن ۽ اسان غربت سبب علاج ڪرائڻ کان قاصر بڻيل آهيون ،گرڌاري ميگھواڙ ٻڌايو ته منھنجي گھرواري ئي گاھ وغيره ڪري گھر جو گاڏو ھلائيندي ھئي آئون به پير کان معذور آھيان ،ھنن وس وارن کان اپيل ڪئي آهي ته اسان جي مدد ڪري منھنجي گھرواري جو علاج ڪرائي ان کي معذور ٿيڻ کان بچايو وڃي اسان ڪنھن مسيحا جا منتظر آهيون ،