مانجهند ۾ ڳورهاري عورت جي آزادي لاءِ 6 ڪلاڪ ڌرڻو، حسنا حاجاڻو وارثن حوالي

مانجهند (رپورٽ: بابو عمراڻي) مانجهند ۾ نواب شاهه پوليس طرفان 22 ڏينهن اڳ کنڀيل ڳورهاري عورت حسنا حاجاڻو جي آزادي لاءِ  6 ڪلاڪ  ڌرڻو هنيوويو، عورت آزاد ٿي گهر پهچي وئي، مانجهند مان نواب شاهه  پوليس طرفان 22 ڏينهن اڳ شڪي جوابدار مڙس شير محمد حاجاڻو جي عيوضي ۾ کنڀي گم ڪيل ڳورهاري عورت جي  آزادي لاءِ جسقم جي سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ايس يو پي حيدرآباد ڊويزنل صدر خدا بخش ٿيٻو، ايس يو پي ليڊيز ونگ جي سينئر نائب صدر ياسمين ٿيٻو، علي نواز ڪنڀر، محمد صالح حاجاڻو ۽ وڏي تعداد ۾ عورتن ٻارڙن شاهي بازار مان مارچ ڪري شاميانا هڻي انڊس هاءِ وي تي رڪاوٽون وجهي 6 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي سبب سيوهڻ ڄامشورو روڊ تي گاڏين جون قطارون لڳي ويون، مسافرن ۾ گرمي سبب ڪيهاٽ پئجي ويا، مسافر مڇرجي پيا، پوليس اهلڪار کي پڻ مارڪٽ ڪئي، مظاهرين سان منهن ماري پڻ ڪئي، ايس ايڇ او مانجهند صادق سولنگي ڌرڻي ۾ شامل اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون پر عورت جي آزادي تائين روڊ کولڻ کان جواب ڏنو ويو، ايس ايس پي ڄامشورو فون تي رابطو ڪري نواب شاهه جي ايس ايس پي سان ڳالهائي عورت کي قاضي احمد تائين پهچائي وارثن حوالي ڪيو ويو، عورت جي آزادي جي اطلاع تي ڌرڻو ختم ڪيو ويو، حسنا حاجاڻو جو مانجهند پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي خدا بخش ٿيٻو ياسمين ٿيٻو کيس اجرڪون اوڍايون، اڳواڻن  کي عورت حسنا حاجاڻو جي وارثن چيو ته توهان جي جدجهد رنگ لاتو آھي نياڻي کي آزاد ڪيو ويو آهي، نياز ڪالاڻي ۽ ٻين چيو ته بنا ڪنهن ڏوهه جي عيوضي ۾ ڳورهاري عورت کي کنڀي انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آھي، پوليس کي اهڙي حرڪت تي سزا ڏني وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.