پشاور (م ڊ) پي پي ڪي جي نگران حڪومت وفاقي حڪومت کي آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي ذريعي صوبي کي دهشتگردي خلاف جنگ جي مد ۾ مليل فنڊز جي اسپيشل آڊٽ ڪرائڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي، ڪي پي ڪي جي ناڻي واري کاتي فنڊ جي خصوصي آڊٽ ڪرائڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ناڻي واري وزارت آڊٽ ڪرائڻ جي لاءِ آڊيٽر جنرل آف پاڪستان کي ٽيم موڪلڻ جي درخواست ڪري، دستاويزن موجب ناڻي واري کاتي آڊٽ ٽيم جي لاءِ ٽي او آرز به موڪليا آهن جن ۾ چيو ويو آهي ته آڊٽ ٽيم جاچ ڪري ته ستين اين ايف سي ايوارڊ مان هن وقت تائين دهشتگردي خلاف جنگ جي مد ۾ صوبي کي ڪيترو پئسو مليو.