عمران خان کي سزا ٻڌائيندڙ جج همايون دلاور او ايس ڊي بڻجي ويو

اسلام آباد( م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي سزا ٻڌائيندڙ ايڊيشنل سيشن جج همايون دلاور کي آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي (او ايس ڊي)  بڻايو ويو آهي. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ همايون دلاور کي او ايس ڊي بڻائڻ جي منظوري ڏني جنهن بعد ايڊيشنل رجسٽرار اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. نوٽيفڪيشن ۾ ايڊيشنل سيشن جج همايون دلاور کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.