ٽيڪس چوري جو وڏو اسڪينڊل، 3 ڪسٽم آفيسر برطرف

ڪراچي (رپورٽر ) ايف بي آر پاران  ٽيڪس چوري جي وڏي اسڪينڊل جو انڪشاف ڪيو آهي ٽيڪس چوري جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڪسٽم   کاتي جا 3 آفيسر برطرف ڪيا ويا، ايف بي آر وڏي ٽيڪس چوري اسڪينڊل جو انڪشاف ڪيو آهي، ٽيڪس چوري جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 3 ڪسٽم آفيسرن کي برطرف ڪيو ويو آهي، ايف بي آر موجب ڪسٽم ڊپارٽمينٽ جي انهن ٽنهي آفيسرن ٽيڪس چوري ۾ سهولت فراهم ڪري خزاني کي 7 ارب رپين جو نقصان پهچايو.ايف بي آر جو چوڻ آهي ته اسپيشل فيڪٽ فائنڊنگ انڪوائري ۾ ٽنهي آفيسرن تي ڏوهه ثابت ڪيو ويو، جنهن بعد کين برطرف ڪيو ويو. دستاويزن موجب ٽنهي ڪسٽم آفيسر قيمتي واچون، موبائيل فون،  ڪاسميٽسڪ ۽ ٻيو سامان ڪليئر ڪرڻ ۾ ملوث هئا،هنن 20-2019ع ۾ خيراتي اداري جي نالي تي 81 غير قانوني سامان ڊڪليئريشن ڪيو ، جن مان 80 سامان جي ڊيڪليئريشن کي ڪليئر ڪيو ويو پر صرف هڪ کي پڪڙيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.