اسلام آباد( م ڊ) ايڊيشنل سيشن جج همايون دلاور جو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار کي لکيل خط سامهون اچي ويو. خط ۾ همايون دلاور چيو ته منهنجي خاندان کي پرڏيهه مان به ڌمڪيون مليون آهن. جج همايون دلاور چيو ته ڪيس جي ٻڌڻي دوران منهنجي خلاف سوشل ميڊيا تي مهم شروع ڪئي وئي، منهنجي ٻارن کي اسڪول وڃڻ ۽ ناخوشگوار صورتحال کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. پنهنجي خط ۾ هن چيو ته منهنجي ۽ منهنجي خاندان خلاف سوشل ميڊيا تي مهم شروع ڪئي وئي آهي، مون کي هال يونيورسٽي ۾ ورڪشاپ دوران به اڻ وڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو، ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي مون کي ڊيوٽي اسپيشل ڪورٽ جي 11 يا هاءِ ڪورٽ ۾ منتقل ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جج همايون دلاور برطانيا مان واپسي تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي خط لکيو هو، هن 17 آگسٽ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي خط لکيو هو.