لاهور (عوامي آواز نيوز) عمران خان جي بيماريءَ جو ڊرامو اصل ۾ کيس علاج بهاني پرڏيهه موڪلڻ جي تياري آهي، نامياري صحافي نور الله جو چوڻ آهي ته بشريٰ بي بي جو سپريم ڪورٽ ۾ قسم نامون جمع ڪرائڻ اشارو آهي. جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جيل ۾ عمران خان جو وزن گهٽجي ويو آهي. صحت ٺيڪ نه آهي ۽ سندس زندگيءَ کي خطرو آهي. اها ابتدا ۽ تياري آهي معاملي کي اينگهائي آخر ۾ عمران خان کي علاج لاءِ پرڏيهه موڪلڻ جي درخواست ڪئي ويندي.