نگران حڪومت جمهوري منتقلي ۾ آئيني تسلسل برقرار رکي: آمريڪي سفير

اسلام آباد (م ڊ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سان پاڪستان ۾ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ملاقات ڪئي آهي. وزيرِ اعظم هائوس ۾   ٿيل ملاقات ۾ آمريڪي سفير وزيرِاعظم جو عهدو سنڀالڻ تي انوار الحق ڪاڪڙ کي مبارڪباد ڏني جڏهن ته ان موقعي تي آمريڪي سفير پاڪستان جي اقتصادي ۽ ترقياتي ايجنڊا جي حمايت جو عزم ورجايو .ملاقات دوران نگران وزيرِ اعظم ٻه طرفن لاڳاپن جي موجودا هاڪاري رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ گهرا لاڳاپا آهن، جيڪي گڏيل احترام، مفادن ۽ قدرن تي ٻڌل آهن. انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته نگران حڪومت جي بنيادي ذميواري چونڊ عمل ۾ اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪرڻ آهي، نگران حڪومت جي ذميواري آهي ته جمهوري منتقلي جي دور ۾ آئيني تسلسل فراهم ڪري. نگران وزيرِ اعظم پاڪستان جي معاشي استحڪام ۾ مدد ڪرڻ ۾ آمريڪا جي ڪردار کي ساراهيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.