اڄ جو نوجوان سنڌ جي تاريخ کي صحيح نموني نه ٿو پڙهي: اعجاز قريشي

ڪراچي (رپورٽ: جي ايم کوکر) ليکڪن، اديبن ۽ استادن چيو آهي ته اڄ جو نوجوان سنڌ جي تاريخ کي صحيح نموني سان نه ٿو پڙهي، نوجوان   ڪتاب گهٽ پڙهن ٿا جنهن سبب اهي ڌرتيءَ جي اهم معلومات سماجيات، لسانيت ۽ ڪلچر بابت گهٽ ڄاڻ رکن ٿا، اهڙين ڳالهين جو اظهار ڪالهه هنن شهيد ڀٽو انيسيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي زيبيسٽ ۾ سنڌ جي مشهور ليکڪ، اديب، دانشور ۽ ماهر تعليم پروفيسر اعجاز قريشي ۽ ڊاڪٽر ظفر جوڻيجو پاران ترتيب ڏنل ڪتاب سنڌ هسٽري جي مهورتي تقريب دوران ڪيون، ان موقعي تي ڳالهائيندي پروفيسر اعجاز قريشي ۽ ڊاڪٽر ظفر جوڻيجو چيو ته هي ڪتاب1834ع کان 1926ع تائين انگريز عملدارن جون سنڌ بابت جيڪي به لکڻيون هيون انهن کي سنڌي ۾ ترجمو ڪري ترتيب ڏنو ويو آهي ان وقت جي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ملازمن سنڌ جي تهذيب، تاريخ، آثار قديمه ۽ انهيءَ زماني ۾ سنڌ ڪئين هئي بابت مضمون لکيا، جن مان 13 چونڊ مضمون کڻي هن ڪتابي شڪل ۾ آندا آهن هنن چيو ته هي ڪتاب نوجوانن کي سنڌ جي پراڻي تاريخ ۽ سنڌ کي سمجهڻ ۾ وڏو مددگار ثابت ٿيندو، تقريب کي خطاب ڪندي ليکڪ يوسف شاهين، ڊاڪٽر پروفيسر رياض شيخ، سارنگ جويو، خليل چانڊيو، امين جويو ۽ ٻين چيو ته هي هڪ اهم ڪتاب آهي هن ڪتاب ذريعي سنڌ جي تاريخ، سماجيات، لسانيات ۽ معاشيات بابت گهڻو ڪجهه ملندو نوجوانن کي اهڙي قسم جي ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.