ڪوئٽا (اي پي پي ) نگران وڏي وزير مير علي مردان خان ڊومڪي اسيمبلي جي سيڪيورٽي گارڊ کي دل جي بيماري جو مناسب طبي امداد نه ملڻ تي اسيمبلي ملازمن جي احتجاج جو نوٽس وٺندي واقعي جي رپورٽ طلب ڪئي آهي .نگران وڏي وزير اطمينان جو اظهار ڪيو آهي ته فاطمه جناح چيسٽ اينڊ جنرل اسپتال ۾ سيڪيورٽي گارڊ کي فراهم ڪيل فوري طبي امداد سان ان جي طبيعت بهتر ۽ خطري کان ٻاهر آهي هن سيڪريٽري صحت کي هدايت ڪئي ته هو سيڪيورٽي گارڊ جي عيادت ڪري ان کي وڏي وزير جي نيڪ خواهشن تي ٻڌل پيغام پهچائن ۽ ان جي علاج جا سمورا خرچ صوبائي حڪومت پاران ادا ڪيا وڃن .
نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان جاپان جي سفير جي ملاقات
اسلام آباد (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان جاپان جي سفير واڊا مٽسو هيرو ڪالهه جمعي ڏينهن ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، مستقبل جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ ۽ مختلف شعبن ۾ پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ تعاون کي وڌائڻ جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان پاڪستان علماءِ ڪائونسل چيئرمين مولانا طاهر اشرفي جي ملاقات
اسلام آباد (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي چيئرمين مولانا طاهر اشرفي ڪالهه جمعي ڏينهن ملاقات ڪئي ۽ کيس اطلاعات واري نگران وفاقي وزير جون ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ملاقات دوران اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان مولانا طاهر اشرفي جڙانوالا واقعي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي مرتضيٰ سولنگي چيو ته نگران وزيراعظم جڙانوالا واقعي جي شديد مذمت ڪئي آهي، اهڙو رويو برداشت نه ڪنداسين، متاثر گرجا گهرن ۽ متاثر شهرين جي گهرن جي تعمير ۽ بحالي جو عمل جاري آهي. نگران حڪومت آئين ۽ قانون موجب سمورن شهرين جي حقن جي تحفظ ۽ فروغ تي يقين رکي ٿي. هن چيو ته ڪنهن کي به انتهاپسندي ۽ لاقانونيت جي باهه ڀڙڪائڻ نه ڏينداسين، اقليتون خاص طور تي مسيحن پاڪستان قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. طاهر اشرفي چيو ته جڙانوالا واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف قانوني ڪارروائي تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته پنجاب جي نگران وڏي وزير سيد محسن نقوي جا فوري قدم ساراهه جوڳا آهن.
علام اقبال اوپن يونيورسٽي جا امتحان پهرين سيٽمبر کان شروع ٿيندا
ڊيراه غازي خان (اي پي پي ) علام اقبال اوپن يونيورسٽي ريجنل ڪيمپس ڊيرا غازي خان جي ريجنل ڊائريڪٽر غلام حسين کوسو چيو آهي ته بهار سيمسٽر 2023 جي اوپن ڪورسز ، سرٽيفيڪٽ ڪورسز ، ميٽرڪ ، ايف اي ۽ آئي ڪام پروگرامن جا فائنل امتحان سڄي ملڪ ۾ پهرين سيٽمبر کان شروع ٿيندا . گذريل ڏينهن تي جاري بيان ۾ هن چيو ته امتحانن جو سلسلو آڪٽوبر تائين جاري رهندو . شاگردن جي آساني لاءِ ڊيٽ شيٽ يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪئي وئي آهي جڏهن ته رول نمبر سلپس جو پرنٽ شاگرد پنهنجي سي ايم ايس اڪائونٽ تان به وٺي سگهن ٿا .