لنڊن( م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف چيف جسٽس آف پاڪستان (سي جي پي) جسٽس عمر عطا بنديال کي نشانو بڻايو. لنڊن ۾ نواز شريف سان گڏ ميڊيا بريفنگ ۾ شهباز شريف چيو ته چيف جسٽس عمر عطا بنديال نواز شريف سان ٿيندڙ واقعن کان چڱي ريت واقف آهي. هن چيو ته نواز شريف هر روز پنهنجي ڌيءَ سان گڏ احتساب عدالت ۾ پيش ٿيندو رهيو، چيف جسٽس عمر عطا بنديال کي ن ليگ اڳواڻ سان ڪيل ظلم ياد ڇو نه آيو؟ شهباز شريف وڌيڪ چيو ته الله ڪجهه ماڻهن کي هدايت ڏئي، مان پڇان ٿو ته جڏهن نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ جيل ۾ هئا ته چيف جسٽس ڪٿي هو؟ سندس چوڻ هو ته نوازشريف ڪوششن باوجود بيمار زال سان ڳالهه ٻولهه نه ڪري سگهيو. اڳوڻي وزيراعظم اهو به چيو ته نواز شريف سان ٻٽو معيار اختيار ڪيو ويو، اهو ٻٽو معيار ڪجهه ماڻهن لاءِ پاڪستان جو انصاف وارو نظام تباهه ڪري ڇڏيو. هن چيو ته مشاورت ذريعي فيصلو ڪيو ويو آهي ته نواز شريف آڪٽوبر ۾ پاڪستان واپس ايندو، ن ليگ اڳواڻ وطن واپسي تي قانون کي منهن ڏيندو. شهباز شريف چيو ته شفاف احتساب وقت جي اهم ضرورت آهي، بنا ڪنهن فرق جي احتساب ٿيڻ گهرجي، ان کانسواءِ پاڪستان اڳتي نٿو وڌي سگهي، آئين تحت اسيمبليون ٽوڙيون. ڳوڻي وزيراعظم چيو ته هو شفاف چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن سان سهڪار ڪندا، نواز شريف آڪٽوبر ۾ پاڪستان ايندو ۽ چونڊ مهم جي اڳواڻي ڪندو. هن چيو ته نواز شريف جو نالو پاناما ۾ نه هو،ان معاملي ۾ ملوث ٻين ماڻهن کان ڪنهن به پڇاڻو ناهي ڪيو. شهباز شريف چيو ته اقاما ۾ جيڪو فيصلو ڪيو ويو آهي اهو بدديانتي تي ٻڌل آهي، نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ کي جيل ۾ زمين تي سمهاريو ويو، ٻنهي کي چيو ويو ته اوهان کي جيل جو کاڌو کائڻو پوندو.