ڪوٽ غلام محمد(رپورٽ:الھداد خاصخيلي) راڻيپور جي معصوم نياڻي فاطمه ۽ سکر جي صحافي جان محمد مهر واري واقعي خلاف ڪوٽ غلام محمد جي شھر ڏهون ميل موري تي يوسي مير الهداد خان ٽالپر جي وائس چيئرمين حافظ حبيب الله خاصخيلي يوسي رئيس غلام مصطفي خان ڀرڳڙي جي ضلعي ڪائونسل جي ميمبر حاجي عبدالرشيد خاصخيلي. نيشنل پريس ڪلب ڪوٽ غلام محمد جي صدر اسماعيل گورچاڻي. ڊاڪٽر سرفراز احمد خاصخيلي ۽ ڪامريڊ تاج محمد سولنگي جي اڳواڻي ۾ ڪوٽ غلام محمد. ميرپورخاص روڊ تي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو جنهن سبب ڪوٽ غلام محمد کان ميرپورخاص ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي معصوم نياڻي فاطمه ۽ صحافي جان محمد مهر جي بيرحماڻي قتل خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي يوسي وائس چيئرمين حافظ حبيب الله خاصخيلي مظاهري کي خطاب ڪندي راڻي پور جي پيرن تي سخت تنقيد ڪندي خبر ڌار ڪيو ته جيڪڏهن هنن وحشي جوابدار اسد شاھ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان مظلوم نياڻي جي وارثن سان گڏجي سخت احتجاج ڪنداسين جڏهن ته ٻي طرف شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن کي گرفتار ڪري سرعام ڦاسي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. آخر ۾ معصوم نياڻي فاطمه ۽ صحافي جان محمد مهر جي ايثال ثواب لاءِ دعا گهري وئي