ايس ٽي پي جي سڏ تي فاطمه ڦرڙو ۽ صحافي جان محمد مهر جي قتل خلاف مظاهرا

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ فاطمه ڦرڙو ۽ صحافي جان محمد مهر جي قتل خلاف ايس ٽي پي جي سڏ تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، دادو، خيرپور، لاڙڪاڻو، ٽنڊو محمد خان، ميرپورخاص ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، سنڌ ترقي پسند پارٽي مرڪزي سڏ تي ڪراچي جي ضلع ڪورنگي ۾ به سکر جي سينيئر صحافي شھيد جان محمد مهر ۽ راڻيپور ۾ معصوم نياڻي فاطمه ڦرڙو جي قتل خلاف ڪورنگي ضلعي ۾ به احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، راجه حفيظ ڏيوڙو، قادربخش مگسي، حنيف چنو، عاطف سنجراڻي، گلاب چاچڙ، اميرعلي گهوٽو ۽ ٻيا ريلي ۾ شريڪ ٿيا، سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلعي حيدرآباد پاران سکر جي صحافي جان محمد مهر ۽ گهوٽڪي جي معصوم نياڻي فاطمه جي قتل واقعن خلاف پريس ڪلب سامهون جان محمد جوڻيجو، لياقت جويو، حسين مگسي، ذيشان ڏيپر ۽ ٻين جي اڳواڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، سنڌ ترقي پسند پارٽي سکر ضلعي پاران سنڌ اندر وڌندڙ بدامني خلاف محمد علي، وحيد کوسا، نومي سنڌي، قربان، عبدالحفيظ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سکر پريس ڪلب آڏو ڪارڪنن جي وڏي انگ احتجاج ڪيو ۽ قتل، اغوا ۽ ٻين واقعن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس سميت سنڌ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، ڄامشوري ۾ سينيئر صحافي شهيد جان محمد مهر ۽ معصوم نياڻي فاطمه فرڙو جي خون سان انصاف لاءِ ساگر عالماڻي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ايس ٽي پي ڪراچي پاران جوهر ڪامپليڪس ڀرسان مين ڪراچي يونيورسٽي روڊ تي صحافي جان محمد مهر ۽ معصوم نياڻي فاطمه ڦرڙو جي ناحق قتل خلاف ايس ٽي پي اڳواڻن خير محمد مگسي، مبارڪ ڀٽي ،علي بخش لاشاري ،ڏاڏو الهه ورايو عمراڻي، شير جان کوسو،محمد علي شيخ، آگل ابڙو جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ احتجاجي بينر کڻي ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو، نوابشاهه ۾ به ايس ٽي پي طرفان شاھنواز ڪيريو، ٻڍل مگسي، سيد رستم شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريگل چوڪ کان ھڪ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شھر جو گشت ڪندي نوابشاهه پريس ڪلب پھتي، جتي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڪنڌڪوٽ ۾ ايس ٽي پي ۽ جسم پاران سکر ۾ شھيد ڪيل صحافي جان محمد مھر ۽ راڻيپور ۾ معصوم فاطما جي واقعن ۾ ملوث سمورن ڏوھارين ۽ سرپرستي ڪندڙن کي گرفتار ڪري ڪيفري ڪردار تائين پھچائڻ لاءِ گھنٽاگھر کان پريس ڪلب تائين پلي ڪارڊ کڻي ڌار ڌار احتجاجي مظاھرا ڪيا ويا، شھدادڪوٽ ۾ ايس ٽي پي پاران شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري ۽ فاطما ڦرڙو جي خون سان انصاف لاءِ ڪامريڊ حيات تونيو، ضلعي صدر امداد سومرو، رشيد مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ميرپورماٿيلو ايس ٽي پي جي سڏ تي شهيد صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ شهرين، صحافين ،سول سوسائٽي جي اڳواڻن ڪارڪنن ڄام عبدلفتاح سميجو، علي نواز جلباڻي ،عاجز گبول، لطيف لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، نوشهروفيروز ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران شھيد جان محمد مھر ۽ فاطما ڦرڙو جاقاتل گرفتار نه ڪرڻ خلا ف الله واري چونڪ کا نيشنل پريس ڪلب تائين اسد چانڊيو، حبيب الله مشوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، خيرپور ناٿن شاھ ۾ شھيد فاطمه ڦرڙو ۽ شھيد صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ فقير علي حسن جانوري، سومر چانڊيو، سڪندر کوکر، صدام ڪلھوڙو ۽ ٻين طرفان احتجاج ڪيو ويو، احتجاجي مظاهرن ۽ ڌرڻن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ هٿ وٺي لاقانونيت پيدا ڪئي پئي وڃي، رياست ڪٿي به نظر نه پئي اچي قانون جي ڪمزور هجڻ سبب جان محمد مهر ۽ فاطمه ڦرڙو جي قتل جهڙا واقعا جنم پيا وٺن جيڪو سنڌ لاءِ ڪنهن به ريت مناسب ناهي پوليس ۽ ٻيا ادارا جيڪڏهن سياسي ونگار وھڻ بدران قانون تي عمل ڪرائن ته صورتحال بهتر ٿي سگهي ٿي، هنن چيو ته پير پرستي ۽ وڏيرا شاهي سنڌ کي اڏوهي جيان کائي ويا آهن هاڻ ته حويلين ۾ معصوم نياڻين جو عزتون ۽ حياتيون محفوظ نه آهن، جان محمد مهر بي باڪ صحافي هو، جنهن پنهنجي قلم ۽ ڪيمرا سان مظلومن جو آواز ايوانن تائين پهچايو، پوليس حويلي جي ملازمن جا جزا وٺي ڪيس کي خراب ڪرڻ چاھي ٿي، قاتلن کي ڦاهي ڏني وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.