ڪراچي (پ ر) جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو طرفان ڪراچيءَ ۾ مَواڇ ڳوٺ، 500 ڪوارٽر ۽ ابراهيم ڳوٺ مختلف علائقن جو تنظيمي دورو ڪيو ويو، اُن موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي رياض چانڊيو چيو ته ڪراچي شَهر ۾ صنعتي ۽ معاشي سرگرمين ۾ هڪ رٿا تحت ڌرتي ڌَرڻين کي پوئتي رکيو ويندو آهي ۽ هاڻي ته اها هڪ ڏاڍ جي ذريعي شروعات ڪئي وئي هئي مُشرف کان وٺي آصف زرداري ڪراچيءَ جا تعليمي ادارا سنڌ جي نوجوانن لاءِ اڻ اعلانيه طور تي بندش هَنئي وئي آهي ۽ انهن کي روڪيو ويو آهي، هي شهر سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ۽ هن گاديءَ جي هنڌَ ۾ جيڪي سنڌي وسنديون ۽ سنڌي علائقا آهن هن جي به ترقي گذريل 5 ڏَهاڪن کان روڪي رکي آهي ته جيئن مقامي آبادي وٽ نه اسڪول هجن نه انهن وَٽ صحت جون سرگرميون هجن ۽ صنعتي ادارن ۾ انهن جي داخلا تي بندش هُجي. هي سسٽَم اسان جي مٿان مَڙهيو ويو آهي هي هڪڙو ڪرمنل ايڪٽ آهي ته اسان جي ترقي ۽ اسان جي اوسَر تي هٿرادو بَند ٻڌا وَڃن هي انسانيت جي خلاف هڪڙو سَنگين جرم آهي جيڪو حڪمران ڪراچي ۽ آسپاس وارن علائقن جي مسلسل ڌرتي ڌڻين سان ڪندا پَيا اچن، سنڌ جا ماڻهون مسلسل دانهون ڪن پيا ته روزگار، صحت ۽ پيئَڻ جو پاڻي مقامي ماڻهن کي ترجيحي بنيادَن تي ڏنو وَڃي پر اهي وسنديون روڊ رستَن ۽ بجلي نيڪال ۽ صاف پاڻيءَ جو مرڪز آهن جٿي ٻاهريان ماڻهو آيا آهن. ميگا هائوسنگ اسڪيمون ۽ جديد ڪالونيون ٺاهي انهن کي آباد ڪيو ويو آهي اتي ته بنيادي سهولتون سڀ آهن پر مقامي ماڻهن جا ڳوٺ ۽ انهن جو وسنديون منشيات جا مرڪز آهن اتي سر عام پوليس جي سرپرستي ۾ مَنشيات هلي ٿي.