ڪراچي (م ڊ) پاڪستان ۾ بدترين ٻوڏ جي هڪ سال کانپوءِ به 40 لک ٻار صاف پاڻي کان محروم آهن، گڏيل قومن موجب پاڪستان ۾ بدترين ٻوڏ جي هڪ سال بعد به 40 لک ٻار صاف پاڻي کان محروم آهن، ان حوالي سان گڏيل قومن جي اداري يونيسيف هڪ رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ 8 ملين ماڻهو صاف پاڻي کان محروم آهن، وڏي تعداد ۾ ٻار متاثر ٿيا آهن، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي ٻارن کي نٿا وساري سگهون، ٻوڏ جو پاڻي هليو ويو پر انهن جون پريشانيون باقي آهن، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ بحالي جو ڪم جاري آهي پر تمام گهڻن ماڻهن تائين پهچ نه ٿي سگهي، ان جي لاءِ پاڪستان سرڪار ٻوڏ متاثر ٻارن ۽ خاندانن جي لاءِ سرمائيڪاري ۾ واڌ ڪري.