ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي ۾ غيرت جي نالي تي نوجوان احسن وقار ۽ ڇوڪري لاريب کي قتل ڪيو ويو، پوليس ٻٽي قتل ۾ملوث ڊاڪٽر رفيق کي گرفتار ڪري ورتو، ڪراچي جي علائقي سهراب ڳوٺ ۾ الآصف اسڪوائر بکر ڳوٺ ويجهو گاڏي مان 2 ڄڻن جا لاش هٿ آيا، هڪ نوجوان 20 سالن جي احسن وقار ۽ 17 سالن جي ڇوڪري لاريب کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، واقعي کانپوءِ انڪشاف ٿيو ته احسن وقار ۽ ڇوڪري لاريب کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويو آهي، ايس پي سهراب ڳوٺ ٻڌايو ته جوابدار ڊاڪٽر رفيق ٻنهي کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو، ڊاڪٽر رفيق جي ڌيءَ رات کان گهر نه آئي، صبح جو هڪ نوجوان احسن وقار ڊاڪٽر رفيق جي ڌيءَ کي ڪار ۾ گهر ڇڏڻ آيو، اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪار ۾ سوار نوجوان ۽ ڊاڪٽر وچ ۾ جملن جي ڏي وٺ ٿي، ڊاڪٽر ڪار ۾ سوار نوجوان ڇوڪري ۽ پنهنجي ڌيءَ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته جوابدار رفيق شيخ بيان ۾ چيو ته هو شگر ۽ بلڊ پريشر جو مريض آهي، مون سڄو گهر ڏٺو پر لاريب ڪٿي به نظر نه آئي ۽ جڏهن مان موٽرسائيڪل گهر مان ٻاهر نڪتس ته ٻاهران هڪ اڇي رنگ واري ڪار جنهن تي ڪارا شيشا لڳل هئا مون کي ٽڪر هئڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مان پنهنجي بچاءُ ۾ فائرنگ ڪئي، نتيجي ۾ ڇوڪرو احسن وقار مارجي ويو ۽ لاريب زخمي ٿي پئي، لاريب کي زخمي حالت ۾ گهر کڻي آيس ته بعد ۾ فوتي ٿي وئي.