ڪراچي(رپورٽر) ناڻي، روينيو ۽ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ سنڌ واري نگران صوبائي وزير محمد يونس ڍاگا جي صدارت هيٺ لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن سان اهم اجلاس سنڌ جي ناڻي کاتي جي ڪميٽي روم ۾ ٿيو، جنهن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي، گندي پاڻي جي نيڪال ۽ ويسٽ ٽريٽمينٽ سسٽم جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ نگران صوبائي وزير يونس ڍاگا شهر جي واٽر سپلاءِ ۽ سيوريج ٽريٽمينٽ اسڪيمن جي ڪارڪردگيءَ تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ڪي فور منصوبي تي دير سبب شهري پاڻي جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن. هن هدايت ڪئي ته ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪمپني (ڪي ڊبليو اينڊ ايس سي) ڪي-4 منصوبي کي تيزيءَ سان تعمير ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻي. محمد يونس ڍاگا چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته ڪراچي کي 650 ملين گيلن روزاني (ايم جي ڊي) پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ ڪي فور منصوبي جو پهريون مرحلو، جيڪو شهر کي 260 ايم جي ڊي پاڻي فراهم ڪرڻ هو، اهو اڃا تائين مڪمل ناهي ڪيو ويو. هن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته فنڊن جي کوٽ دور ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 25 ارب رپيا فراهم ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت سان رابطو ڪيو وڃي. اجلاس ۾ بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته پي ايس ڊي پي ۾ ڪي فور لاءِ گهربل فنڊن ۾ ڪٽوتي سبب هن منصوبي ۾ دير ٿي رهي آهي. اجلاس ۾ نگران صوبائي وزير يونس ڍاگا شهري گندگي ۽ صنعتي گندگي جي نيڪال لاءِ ڪمبائنڊ ايفلوئنٽ ٽريٽمينٽ پلانٽ تي ڪم نه ٿيڻ تي ناراضگي جو اظهار ڪيو. نگران صوبائي وزير يونس ڍاگا چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪمپني کي هدايت ڪئي ته اها اسڪيم فوري طور تي منصوبابندي ۽ ترقي واري کاتي ڏانهن موڪلي وڃي ته جيئن گهٽ ۾ گهٽ عرصي ۾ ٽريٽمينٽ پلانٽ شروع ڪري مڪمل ڪيو وڃي. نگران صوبائي وزير محمد يونس ڍاگا سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ (ايس ايس ڊبليو ايم بي) جي ڪارڪردگي جو پڻ جائزو ورتو. نگران صوبائي وزير محمد يونس ڍاگا هدايت ڪئي ته سالڊ ويسٽ پروجيڪٽ ۾ شامل ڪانٽريڪٽر جي ڪارڪردگي کي جانچڻ لاءِ ضابطن موجب جلد کان جلد ٿرڊ پارٽي مانيٽرنگ سسٽم لاڳو ڪيو وڃي. محمد يونس ڍاگا هدايت ڪئي ته ٿرڊ پارٽي مانيٽرنگ سسٽم جي رپورٽ جي روشني ۾ ٺيڪيدار کي ادائيگي ڪئي وڃي ۽ ناقص ڪارڪردگي تي ٺيڪيدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. محمد يونس ڍاگا هدايت ڪئي ته شهر جي ماحول کي صاف ڪرڻ لاءِ ڪچري مان بجلي ۽ ويسٽ ريسائيڪلنگ منصوبن تي به ڪم تيز ڪيو وڃي. هن چيو ته ڪراچي اسان جي اقتصادي حب آهي ۽ هتي پيئڻ جي صاف پاڻي، گندي پاڻي جي نيڪال ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي لاڳاپيل ادارن جي اولين ذميواري آهي. هن چيو ته ڪوششون آهي ته ترقياتي منصوبن ۾ رڪاوٽون دور ڪري انهن کي وقت تي مڪمل ڪيو وڃي. هن چيو ته ترقياتي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل آفيسرن کي پنهنجون ذميواريون محنت سان سرانجام ڏيڻيو پونديون.
خانپور ويجهو ڀائٽي هٿان چاچو قتل
خانپور (ن ع آ ) خانپور ويجهو فيضو ٿاڻي جي حد ڳوٺ دلي جان شر ۾ فصل ۾ ڀاڻ ڇٽڻ جي مامري تان ڀائٽي ھٿان چاچو قتل ٿي ويو پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي، خانپور ويجھو فيضو ٿاڻي جي حد ۾ ٻن سڱن ڀائرن ۾ جھيڙو ٿي پيو جھيڙي دؤران ڀائٽي چاچي کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاء خانپور اسپتال آندو ويو خانپور اسپتال ۾ مقتول جي ڀاڄائي گل زداي زال گلستان صحافين کي ٻڌايو ته زمين تي ساريالو فصل ۾ ڀاڻ ڇٽڻ جي ڳالھ تان ٻن ڀائرن بهارو شر ۽ مقتول امام بخش شر ۾ جھيڙو ٿي پيو جڏهن ته مقتول نوجوان جي ڀاء بهارو شر پنهنجي پٽ غازي شر کي ڀڇ ڏني جنھن تان جوابدار غازي شر جيڪو مقتول جو ڀائيٽو آهي هٿيار کڻي چاچي مٿان فائرنگ ڪئي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته خانپور اسپتال مان لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن جي حوالي ڪيو ويو مڙھ گهر پهچڻ بعد وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو ھوڏانهن فيضو پوليس رابطي ڪرڻ تي بڌايو ته فصل ۾ ڀاڻ ڇٽڻ جي ڳالھ تان ٻن ڀائرن ۽ ڀائيٽي وچ ۾ جهيڙو ٿيو فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو قتل ٿيو آھي واقعي بابت گهڻ رخي جاچ ڪري رهيا آهيون.
سنڌ ۾ معدني وسيلن جي ڳولا لاءِ جائزو اجلاس
ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي نگران معدنيات ۽ معدني وسيلن واري وزير مير خدا بخش مري جي صدارت هيٺ سنڌ ۾ معدني وسيلن کي ڳولا ڪرڻ جي حوالي سان جائزو اجلاس منعقد ٿيو. جنهن ۾ مختلف يونيورسٽين اين اي ڊي، مهراڻ، دائود ۽ سنڌ يونيورسٽي جي جيولوجسٽ کاتي، ماحوليات ۽ توانائي سان تعلق رکڻ وارن ماهرن، سپارڪو جي نمائندن ۽ معدنيات ۽ معدني وسيلن کاتي جي آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي معدنيات ۽ معدني وسيلن کاتي جو سيڪريٽري آغا عبدالرحيم پڻ موجود هئا. شرڪت ڪندڙن سان مخاطب ٿيندي صوبائي وزير مير خدا بخش مري چيو ته اسان مختصر وقت لاءِ آيا آهيون اسان جو پهريون ڪم صاف شفاف اليڪشن ڪرائڻ آهي پر ان دوران کاتي جي روزاني جي ڪم به بهتر انداز ۾ ڪرڻ ترجيحات ۾ شامل آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان گهٽ وقت ۾ موثر ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا، الله پاڪ اسان کي موقعو ڏنو آهي، اسان چاهيون ٿا ته هن کاتي ۾ جواب تائين نه ٿئي هو ڪم شروع ڪن ته جيئن هن ملڪ خاص ڪري سنڌ کي ان سان فائدو پهچي. هاڻي تائين سنڌ جا وسيلا عوام کان لڪيل هئا، اسان انهن سمورن وسيلن کي عوام تائين پهچائينداسين، اسان معدني وسيلن سان بابت هر معلومات ڊيجٽيلائز ڪنداسين، ته جيئن سنڌ جي هر شخص ۽ نوجوان کي سنڌ جي معدني وسيلن جي معلومات هجي. هن چيو ته اوهان ماهرن وٽ ماهرانه راءِ آهي، جيڪا معلومات ۽ حقيقتون اوهان وٽ آهن اهي ڪنهن ٻئي وٽ ناهن، اوهان اسان جي رهنمائي ڪريو، مفيد مشورا، معلومات ۽ تحقيق اسان سان شيئر ڪريو ۽ جيڪا شڪايت آهي اها به ڏيو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ معدني وسيلن جي ڳولا، تناسب، تعداد ۽ مارڪيٽ جي قيمت معلوم ڪرڻ لاءِ هڪ ٽاسڪ فورس ٺاهينداسين جنهن ۾ سمورن ماهرن کي شامل ڪيو ويندو، جيڪي ميڊيا ۽ عالمي ماهرن سان گڏ ملي ڪري معدني وسيلن سان مالا مال علائقن جو دورو ڪنديون ۽ پنهنجي ماهرانه راء اسان سان ۽ دنيا سان شيئر ڪندا. ان موقعي تي ماهرن صوبائي وزير جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته هي اجلاس سنڌ لاءِ انتهائي مفيد آهي. سنڌ حڪومت جي خدمت لاءِ هر وقت حاضر آهيون.
نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي صدارت هيٺ ليبر کاتي بابت اجلاس
ڪراچي(رپورٽر) نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ليبر کاتي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي حيدرآباد جي ضلعي انتظاميه کي هدايت ڪئي آهي ته غير قانوني قبضا ختم ڪري مزدورن لاءِ ٺاهيل فليٽس خالي ڪرايا وڃن ۽ ڪراچي جي علائقي گلشن معمار ۾ مزدورن جي فليٽ جي مرمت جو حڪم ڏنو. اجلاس ۾ محنت واري صوبائي وزير عمر سومرو، ايڊووڪيٽ جنرل حسن اڪبر، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري رحيم شيخ، ايڊووڪيٽ جنرل شبير شاهه، چيئرمين ايس آر بي آصف ميمڻ، ليبر سيڪريٽري لئيق ميمڻ ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ورڪرز ويلفيئر بورڊ (WWB) فليٽس ۽ گهرن جي تعمير، مزدورن جي ٻارن لاءِ مفت معياري تعليم، يونيفارم، جوتن، ڪتابن ۽ ٿيلهن جي خريداري لاءِ مالي مدد، مزدورن جي نياڻين جي شادي لاءِ سهڪار ڪرڻ سميت ٻارن لاءِ پوسٽ ميٽرڪ اسڪالرشپ ڏيڻ ۽ فوت ٿيندڙ مزدور جي قانوني وارثن کي مالي مدد فراهم ڪندو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 2018ع کان 2023ع تائين 13322 ڪيسز/ورڪرن ۾ شادي لاءِ 1333.130 ملين رپيا گرانٽ، 244.456 ملين رپيا 3175 شاگردن کي اسڪالرشپ ۽ 4360 ڪيسن لاءِ 2160.625 رپيا گرانٽ طور ورهايا ويا. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڊبليو ڊبليو بي وٽ 11 هزار 565 فليٽ، 6 هزار 257 گهر، 5 هزار 443 پلاٽ، 23 اسڪول ۽ ڪاليج آهن، جڏهن ته سيسي (SESSI) جي استعمال هيٺ ڪڊني سينٽر لانڍهي، اين آءِ سي وي ڊي اسپتال سکر ۽ 10 ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر پڻ هلائي رهيو آهي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته حيدرآباد جي ليبر ڪالوني ۾ 128 مزدورن جا فليٽ قبضي هيٺ آهن. ان تي وڏي وزير ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد کي هدايت ڪئي ته فليٽ خالي ڪري ليبر کاتي حوالي ڪيا وڃن ته جيئن رجسٽرڊ مزدورن کي الاٽ ڪري سگهجن. اجلاس ۾ ڳالهه سامهون آئي ته گلشن معمار ۾ غير قانوني قبضن کان خالي ڪرايل مزدور فليٽن جي مرمت ڪرائڻ جي ضرورت آهي. وڏي وزير قانون بابت وزير عمر سومرو کي هدايت ڪئي ته هو ليبر سيڪريٽري سان گڏ فليٽن جو دورو ڪري ۽ ليبر کاتي کي هدايت ڪئي ته هو جلد کان جلد مرمت ڪري مزدورن کي الاٽ ڪري ڇڏي.