راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف مضبوط ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، عالمي برداري کي پاڪستان طرفان ڏنل اڻڳڻين قربانين جو ادراڪ هئڻ گهرجي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، نوَ مختلف مُلڪن سان تعلق رکندڙ هارورڊ يونيورسٽي، آمريڪا جي 38 شاگردن جي هڪ گروپ جي ايڇ ڪيو ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران آرمي چيف علائقائي سلامتي جي مسئلن ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج جي ڪردار تي ڳالهه ٻول ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف پاڪستان جي ڀرپور صلاحيتن تي روشني وڌي ۽ ملاقات ۾ شريڪ شاگردن تي زور ڏنو ته پاڪستان ۾ رهڻ دوران پنهنجن تجربن جي بنياد تي پاڪستان کي ڏسو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف مضبوط ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، عالمي برادري کي پاڪستان طرفان ڏنل قربانين جو قدر ڪرڻ گهرجي.