ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ مغوين جي آزادي لاءِ آپريشن، لڏپلاڻ

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ: عرفان علي کوسو)ڪنڌڪوٽ دراني مھر ٿاڻي جي حد ۾ پوليس پاران ڏوھارين جي خاتمي لاءِ ۽ مغوين جي  آزادي لاءِ آپريشن تيز ٿي ويو، پوليس پير بخش بھلڪاڻي پهچي گهرن ويجهو مورچا سنڀالي  ورتا، پوليس پاران ڏوھارين مٿان آپريشن وسيلي مورچا گھرن سامهون ٺاهيا ويا ۽ جديد ھٿيارن سان فائرنگ جي ڏي وٺ جاري رھڻ دوران گھرن ۾ گوليون لڳڻ سبب ڳوٺاڻن جي لڏ پلاڻ ڪرڻ وارو سلسلو شروع ٿي ويو، ڪجهه ڳوٺاڻن پنهنجا اجها ڇڏڻ کان انڪار ڪندي پوليس سان مزاحمت ڪئي ۽ دوران دراني مهر جي ڪچي واري علائقي ۾ ڳوٺاڻن ۽ پوليس اھلڪارن جنهن پاڻ ۾ منهن ماري ٿي، پوليس پاران ڳوٺاڻن کي گھرن مان ٻاھر نڪري وڃڻ لاءِ زور ڀريو ۽ ڌمڪيون پڻ ڏنيون جنهن تي ڳوٺاڻن پوليس اهلڪارن ۽ عملدارن جي ڪيل منهن ماري ۽ ڌمڪين واري وڊيو ڀري وائرل ڪئي، ان معاملي تي ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته پوليس اھلڪار اسان کي پنھنجي ڳوٺ ۽ گھرن کان ٻاھر نڪري وڃڻ جو چئي رھيا آھن اسين پنهنجا اجها ڪونه ڇڏينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.