ڪي اليڪٽرڪ ملازمن تي تشدد، واپاري ۽ ساٿين خلاف ڪيس داخل

ڪراچي (رپورٽر ) ڪي اليڪٽرڪ جي ملازمن تي تشدد ڪرڻ تي واپاري اڳواڻ ۽ سندس ساٿين خلاف  نيپئر ٿاڻي تي ڪيس داخل  ڪيو ويو، ٽمبر مارڪيٽ جي واپاري اڳواڻ کي پنهنجي ساٿين سان گڏ ڪي اليڪٽرڪ جي عملي تي تشدد ڪرڻ مهانگو پئجي ويو، نيپيئر پوليس ڪي اليڪٽرڪ جي آفيسر طاهر علي جي فرياد تي شرجيل گوپلاڻي ۽ سندس ٻين اڻڄاتل ساٿين خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو، فريادي موجب هو ڪي اليڪٽرڪ آءِ بي سي لياري 2 ۾ آفيسر طور ملازم آهي ۽ پنهنجي اسٽاف سان گڏ گهٽي پيلو ڪمپائونڊ ۾ ٽمبر مارڪيٽ جتي هو پنهنجي عملي سان گڏ ڪم ۾ مصروف هو ته ٽمبر مارڪيٽ جي صدر شرجيل گوپلاڻي ۽ 25 کان 30 ٻين ماڻهن اسٽاف تي تشدد ڪيو، واپارين جي تشدد سبب ڪجهه اهلڪار زخمي ٿي پيا. واپاري اڳواڻ شرجيل گوپلاڻي نيپيئر ٿاڻي تي گرفتاري ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي واپاري تنظيمن به شٽر ڊائون هڙتال جو اعلان ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.