ملتان ۾ عرس دوران مريد حسين قريشي جا زين قريشي کي دڙڪا

ملتان(م ڊ) ملتان ۾ حضرت بهاءُ الدين ذڪريا جي عرس جي موقعي تي شاهه محمود قريشي جي ڀاءُ مريد حسين قريشي پنهنجي ڀائٽي زين  قريشي کي دڙڪا ڏنا،درگاهه جي مدير حسين قريشي جي ڀائٽي زين قريشي جي هڪ وڊيو به سامهون آئي، جيڪا سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي،مريد حسين اعتراض ڪيو ته زين ان جي اچڻ کان اڳ ڪيئن درگاهه کي غسل ڏيڻ جي تقريب شروع ڪئي هئي، جڏهن ته مريد قريشي زين کي دڙڪا ڏيندي کيس درگاهه مان ٻاهر وڃڻ جو چيو جڏهن ته زين قريشي خاموش بيٺو رهيو،ياد رهي ته درگاهه تي گادي نشين شاهه محمود قريشي کي غسل ڏيڻو هو پر سندس گرفتاري سبب سندس پٽ زين قريشي غسل ڏئي تقريب جي شروعات ڪئي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.