ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ جي نگران مڪاني ادارن واري وزير مبين جماڻي جي هدايتن تي لوڪل گورنمينٽ کاتي نئون آرڊر جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته هر قسم جي عمارتن، گهرن ۽ ڪمرشل پلازائن جي نقشن جي منظوري تي پابندي هوندي، هي حڪم سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ سمورن ڊولپمينٽ اٿارٽي تي لاڳو ٿيندو، هر قسم جي بلڊنگ پلانز، لي آئوٽ پلانز تي به پابندي هوندي. پڌرائي موجب پابندي ايندڙ حڪمن تائين لاڳو آهي. ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي، ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي، لياري ڊولپمينٽ اٿارٽي کي به هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي، سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ ٽائون پلاننگ کاتي تي به ٿيندو، پلاٽن جي ضم ڪرڻ تي به پابندي لڳائي وئي آهي.