اسلام آباد(م ڊ) دهشتگردي ٽوڙ واري عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين جي عدالت بغاوت، ڌمڪائڻ ۽ اشتعال پکيڙڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ايمان مزاري ايڊووڪيٽ ۽ علي وزير کي جوڊيشل ڪندي ايمان مزاري جي ضمانت واري درخواست تي جواب لاءِ نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا. ڪالهه ٻُڌڻيءَ دوران ايمان مزاري جي والده ڊاڪٽر شيرين مزاري ۽ وڪيل زينب جنجوعا عدالت ۾ پيش ٿيون. عدالت جي جج چيو ته قانون مطابق والده سان ملاقات جي درخواست کي ضرور ڏٺو ويندو.