ٽنڊوالهيار (ڊ ر ) ٻن ھفتن بعد ٻه وڌيڪ ٻارڙا ٻيھر کليل گٽر ۾ ڪري پيا، ھڪ ٻارڙو ٻڏي فوت ٿي ويو، مقامي انتظاميه ننڊ پيل، ٽنڊوالهيار جي داتا ننگر ڪالوني ۾ ٻارڙو گٽر نالي ۾ ڪري ٻڏي فوت ويو،11 سالن جو ايان علي ولد عبدالغني جروار گهر ڀرسان گٽر نالي ڪري پوڻ سبب ٻڏي فوت ٿي ويو، ٻارڙي کي پاڙيسري ٽنڊوالهيار جي سرڪاري اسپتال ۾ کڻائي آيا جتي موجود ڊاڪٽرن پاران ٻارڙي جو فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي، فوت ٿيل ٻارڙي جو والد رٽائرڊ فوجي آھي جيڪو ٽنڊوڄام خانگي بئنڪ ۾ ملازم آھي، ٻارڙي جي موت جو ٻڌڻ تي والده کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا ۽ گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. وارث ٻارڙي جو مڙھ سندن اباڻي ڳوٺ مبارڪ جروار کڻائي ويا.