اوٻاوڙي ۾ جرڳو، 12 سالن جي نياڻي سڱ چٽي،سنڌ سرڪار جو نوٽيس،2 جوابدار گرفتار

اوٻاوڙو/ڪراچي( عبدالحئي ڇڄڻ+رپورٽر)اوٻاوڙو لڳ لڪپور جي رھواسي نوجوان غلام رسول ڀٽو پنھنجي برادري جي زرينه ڀٽو سان ست سال اڳ عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪيو ھيو وڏيرا حرڪت  اچي ويا سڱ چٽي  جو جرڳو ڪيو جرڳي ۾ پريمي مٿان 10 لک ڏنڊ ۽ 12 ورھن جي ڀائٽي سڱ طور ڏيڻ جي فتويٰ جاري ڪري ڇڏي،گهرو وزير جي نوٽيس تي اوٻاوڙو پوليس جرڳو ڪندڙ وڏيرن سميت 19 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو ٻه جوابدار گرفتار فرار ٿيل جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا جاري تفصيل موجب مسمات زرينه ڀٽو جي والد الاهي بخش ڀٽو پنهنجي برادري جي وڏيرن معرفت ڪٺ گهرائي جرڳو ڪيو  جنهن ۾ غلام رسول ڀٽو مٿان 10 لک ڏنڊ هڪ سڱ پريمي غلام رسول ڀٽو جي ڀائٽي 12 ورھين جي نياڻي آسيه  جرڳي ۾ سڱ چٽي طور ڏيڻ فتويٰ ٻڌائي ڇڏي سڱ چٽي جي فتويٰ جي خبر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کان پوءِ رٽائرڊ برگيڊيئر  سنڌ جي نگران وزير داخلا محمد حارث نوٽيس ورتو نوٽيس تي اوٻاوڙو پوليس سڄاڳ ٿي پئي اوٻاوڙو پوليس سرڪار جي فرياد تي جوابدار وڏيرن نصير احمد ڀٽو مدد علي ڀٽو اختر ڀٽو واحد بخش ڀٽو خير محمد ڀٽو سميت 19 جوابدارن مٿان جرڳي جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو ڪيس ٿيڻ کان پوءِ  اوٻاوڙو پوليس چڙهائي ڪري ٻه جوابدار نصير احمد ڀٽو مدد علي ڀٽو کي گرفتار ڪري ورتو  جڏهن ته ٻيا جوابدار فرار ٿي ويا ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير احمد تنيو ايس ايڇ او اوٻاوڙو کي سخت هدايتون ڏنيون آهن ته 24 ڪلاڪن اندر سڀ جوابدارن کي گرفتار ڪيا ويندا،ان کان اڳ سنڌ جي نگران وزير اعلى جسٽس (ر ) مقبول باقر  اوٻاڙو ويجهو جرڳي ۾ ٻارڙي کي عيوضي  ۾ ڏيڻ جي رپورٽ جو نوٽيس وٺندي ڪمشنر ۽ ڊي آءِ جي سکر کان واقعي جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.